مشهور ڍولڪ ۽ چنگ نواز فيض مڱڻهار جو خاندان غربت ۽ بدحالي جو شڪار

سيپٽمبر 11, 2023

نوري آباد (رپورٽر) ماتلي جي رهواسي رجب علي مڱهڻار پريس ڪلب نوري آباد ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سندس والد فيض محمد مڱھڻار ڍولڪ ۽ چنگ نواز هو جيڪو ريڊيو پاڪستان ۽  پي ٽي وي تي نشريات ڪري چڪو آهي جنهن جي وفات کان پوء سندس ماءُ، ٻه ڀينرون بک بدحالي واري زندگي گذاري رهيون آهن پاڻ معذوري سبب هلڻ کان لاچار آهيان هن

 هن چيو ته مهانگائي جي دور ۾ ڪو خيرات  به نٿو ڏئي، ڪافي دفعا چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کي اپيلون ڪيون آهن پر  ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي غربت ۽ معذوري زندگي جا سڀ سک کسي ورتا آهن

 هن  ڊي سي بدين ۽ ضلعي انتظامه کان مدد اپيل ڪئي آهي ته معذوري ڪوٽا ۾ نوڪري ڏني وڃي جيئن گهر جو گذارو ڪري سگهان

Leave A Comment