| مشهور ڳائڻي دعا ليپا اداڪار ڪيلم ٽرنر شادي ڪري ڇڏي |
روم( شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي دعا ليپا ۽ اداڪار ڪيلم ٽرنر اٽلي جي ٻيٽ سسلي ۾ منعقد ٿيل پنهنجي شاندار شادي جي تقريب جون سرڪاري تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب 30 ورهين جي دعا ليپا انسٽاگرام تي تصويرن جو هڪ مجموعو پوسٽ ڪندي ڪيپشن ۾ “Mr & Mrs” لکيو، جنهن کان پوءِ مداحن طرفان مبارڪبادن جو سلسلو شروع ٿي ويو.شادي جي تقريب ۾ دعا ليپا مشهور فيشن هائوس شينيل (Chanel) جو خاص هائوٽ ڪوچر گائون پهريو، جيڪو ڊزائنر ميٿيو بليزي تيار ڪيو هو. ان گائون کي ڪرسٽلن جي نفيس ڪڙهائي سان سينگاريو ويو هو.شينيل موجب ڪنوار جو هي لباس پيرس ۾ موجود فيشن هائوس جي مشهور ايٽيليئرز ۾ هٿ سان تيار ڪيو ويو،پنهنجي ڪنوار واري روپ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ دعا ليپا سفيد ساٽن جا خاص جوتا پهريا، جيڪي مشهور برانڊ ماسارو خاص طور تي سندس لاءِ تيار ڪيا هئا.شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن ۽ مداح هن جوڙي کي نئين زندگي جي شروعات تي مبارڪباد ڏئي رهيا آهن.رپورٽن موجب، ڳائڻي دعا ليپا ۽ اداڪار ڪيلم ٽرنر جي شادي جي تقريب تي 15 لک پائونڊن کان وڌيڪ خرچ آيو.