مشورا هلن پيا، معاملا طئي ٿيڻ بعد پارٽي جو اعلان ڪندس: ذوالفقار جونيئر 

مشورا هلن پيا، معاملا طئي ٿيڻ بعد پارٽي جو اعلان ڪندس: ذوالفقار جونيئر 

لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ ۾ مهينو اَڳ قتل ٿي ويل نديم شيدي جي وارثن مولابخش شيدي سان جونيئر ذوالفقار ڀٽو پهچي  تعزيت ڪئي، ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شيدي برادري سان بابا سائين شهيد مير مرتضي’  ڀٽو جا تمام ويجھا تعلقات رهيا، شيدي سنڌ جو بهادر قبيلو آهي، سندن نوجوان نديم شيدي کي معمولي ڳالهه تان گوليون هڻي قتل ڪرڻ جي مذمت ڪريان ٿو، ۽ قاتلن جي گرفتاري جي پڻ گهر ڪريان ٿو. ذوالفقار جونيئر چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۾  ڪو ماڻهو گٽر ۾ ڪِري فوت ٿي و ڃي ٿو ته پنجاب سرڪار فوري طور تي نوٽيس وٺي ٿي، پر سنڌ سرڪار قتل واقعي تي ڌيان نه ڏنو آهي، جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته مهانگائي ملڪ اندر وبا جي صورت اختيار ڪري وئي آهي،  حڪمرانن کي عوام جو ڪو فڪر  ناهي،  ٻي طرف وڳڻ ۾ آمد دوران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ذوالفقار جونيئر چيو ته پاڪستان پاران جنگبندي ڪرائڻ ڳالھيون ڪرائڻ وارو عمل تمام گھڻو ساراھ جوڳو آھي،  اميد آهي ته آمريڪا-ايران جنگ مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي، هن چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف احتجاجي تحريڪ جي حمايت ڪريان ٿو،  اسان وٽ ٽيڪس ته ورتي وڃي ٿي پر ڪم نٿو ڪيو وڃي. حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب غريب مسڪين عوام عذاب واري زندگي گھارڻ ۽ مھانگائيءَ جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي.ھن چيو ته پ پ پ شھيد ڀٽو منھنجي والد شھيد مير مرتصيٰ ڀٽو ٺاھي جنھن ۾ سندس ساٿين وڏيون قربانيون پر پ پ پ شھيد ڀٽو اندر ڪمپرو مائيز ڪرڻ وارو عنصر اچڻ ۽ منھنجي لاءِ ڪافي رنڊڪون پيدا ڪرڻ ڪري مان ان پارٽي ۾ ڪم  نه ڪري سگھيس مان چاھيان ٿو ته اھڙي پارٽي ٺاھيان جنھن ۾ ميڊيا سميت سڀئي دوست گڏ ھجن سوشلسٽ نظرياتي سياست تحت غريب مسڪين مظلوم عوام ۽ ملڪ جي پيڙھيل طبقي جي نمائندگي ڪري سگھان، دوستن سان صلاح مشورا ھلندڙ آھن، سمورا معاملا طئي ٿيڻ بعد پارٽيءَ جو اعلان ڪندس،ٻي طرف  جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڳوٺ سچيڏنو چانڊيو پھچي صحافي عاجز چانڊيو سان چاچي ۽ جاويد چانڊيو سان امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي.