| مشي خان اداڪاره ريشم جي دفاع لاءِ ميدان ۾ اچي وئي |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره مشي خان تازو اداڪاره ريشم جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي مشي خان پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن اداڪاره ديدار پاران ريشم بابت ڏنل بيان تي تنقيد ڪئي، ديدار ريشم مٿان هڪ پروگرام ۾ ڪيتريون ئي زندگيون کي تباهه ڪرڻ جو الزام لڳايو هو. مشي خان چيو ته اڄڪلهه ڪيترائي ٽي وي شوز ڄاڻي واڻي اهڙو مواد پيش ڪن ٿا، جن ۾ ريٽنگ لاءِ فنڪارن مٿان چٿرون ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي سنجيده الزام لڳايا وڃن ته انهن سان گڏ ثبوت به هجڻ گهرجن. هن چيو ته هڪ پروگرام ۾ ريشم بابت منفي ڳالهيون ڪيون ويون، اهو به چيو ويو ته هن ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪيو، جيڪو هڪ غير ذميواراڻو رويو آهي. مشي خان وڌيڪ چيو ته ريشم نه رڳو هڪ باصلاحيت اداڪاره آهي پر فلاحي ڪمن ۾ به سرگرم حصو وٺندي آهي، خاص طور تي ضرورتمندن کي کاڌو فراهم ڪرڻ هڪ قابل تعريف عمل آهي. هن زور ڏنو ته جيڪي ماڻهو سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. انهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي هن چيو ته ٻين جي ماضي تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ هر ڪنهن کي پنهنجن ڪمن تي نظر وجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪو به مڪمل ناهي. هن واضح طور تي چيو ته ريشم سٺي انسان آهي، سندس خلاف اهڙيون ڳالهيون مناسب ناهن.