مشڪل مھمان ۽ مجبور ميزبان … اعجاز منگي

                 اھو سقراط جيڪو زھر جو پيالو پي امر ٿي ويو. ايٿنز جو اھو استاد جنهن پنهنجي پياري شاگرد ڪريٽوءَ کي چيو ھو ته “لفظن جو غلط استعمال سڀ کان وڏو ڏوھ آھي”. اھو سقراط جنهن جي لاءِ افلاطون لکيو ھو ته، “اسان لاءِ اھوئي فخر ڪافي آھي ته اسان عھدِ سقراط ۾ جنم ورتو”. اھو سقراط جيڪو يوناني فڪر جو ارڏو ابو سمجھيو ۽ سڏيو ويندو آھي، سو پنهنجي شاگردن کي سمجھائيندو ھو ته “صوفيا يعني ڏاھپ يا سمجھ سوال مان جنم وٺندي آھي“.

ايٿنز کي سست گھوڙو ۽ پاڻ کي پريشان ڪندڙ مک سڏڻ واري سقراط جو سڀ کان مشھور قول آھي:

“The hour of departure has arrived, and we go our ways — I to die, and you to live. Which is better God only knows.”

                 يعني “وڇوڙي جي وير اچي وئي آھي. اسان کي پنهنجي پنهنجي واٽ وٺڻي آھي. مون کي مرڻو آھي ۽ اوھان جيئندا. پر ڪھڙو رستو بهتر آھي؟ مالڪ کي معلوم آھي“.

                 مٿيون قول اٽليءَ جي مشھور صحافي اوريانا فلاچي پنهنجي جڳ مشھور ناول ”A MAN“ جي پھرين پيج تي لکيو ھو. اوريانا فلاچي صرف صحافي نه ھئي پر ھوءَ ھڪ اعليٰ پايي جي اديب به ھئي پر ھن جي ناولن کان وڌيڪ مقبوليت ماڻڻ وارو ھن جو ڪتاب “انٽرويو وٿ ھسٽري” آھي. پنهنجي دور جي سرڪش صحافي سمجھي ويندڙ اوريانا فلاچي کي سوال جي سگھ معلوم ھئي.

اھا صحافت جنهن کي رياست جو چوٿون ٿنڀو قرار ڏنو ويندو آھي، تنهن جي لاءِ مشھور آھي ته ان جو بنياد ٽن لفظن تي بيٺل آھي. Who? What? When? يعني ڪير؟ ڇا؟ ۽ ڪٿي؟ اھي ٽيئي لفظ سوال آھن. سوال صرف فلاسافي ۽ صحافت ۾ اھم قرار نه ڏنا ويا آھن پر ادب ۾ سوالن جي اھميت کي بيان ڪندي روسي مصنف دوستو وسڪيءَ جي ناول “ڪرامازوف برادرز” جو ھڪ ڪردار اليوشا ھڪ ھنڌ دل جي پوري سچائيءَ سان چوي ٿو ته، “مون کي ملين روبل نه گھرجن. مون کي منهنجن سوالن جا جواب کپن”. فلسفي، صحافت ۽ ادب سان گڏ سائنس ۾ سوالن جي اھميت بيان ڪندي البرٽ آئنسٽائن چيو ھو ته، “اھم شيءَ اھا آھي ته سوالن جو سلسلو رڪجڻ نه گھرجي“. ۽ سياست ۾ سوال جي حوالي سان اھو چيو ويندو آھي ته، “طاقت جوابن کان نه پر سوالن کان خوف کائيندي آھي“. سو! سوالن جي گھڻي ۽ گھڻ طرفي اھميت بيان ڪرڻ کان پوءِ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي سمجھڻ جي سلسلي ھن آرٽيڪل ۾ سوالن کي اھميت سان پيش ڪجي ٿو.

ھونءَ ته ھن وقت سرديءَ سبب اسلام آباد سميت پوري ملڪ جي سڙڪن تي ان ڌنڌ جو راڄ آھي، جنهن ۾ منظر صاف نظر نه ايندا آھن پر ڪافي وقت کان وٺي ملڪي سياست ايتري منجھي وئي آھي يا منجھائي وئي آھي جو سينئر سياسي مبصرن کي به سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته “ڇا ٿي رھيو آھي؟” اھوئي سبب آھي ته پيشنگويون پوريون نه ٿي سگھڻ جي ڊپ سبب نجم سيٺيءَ جي جھرڪي به نئين اداري جي آکيري مان نڪرڻ لاءِ پر نه ٿي ڦھلائي ۽ اڪثر اينڪر مٿان کان مليل موقف پيش ڪرڻ ۾ عافيت سمجھن ٿا.

سو! پاڻ سياسي صورتحال کي سمجھڻ لاءِ سوالن جو سھارو وٺون ٿا ۽ ن ليگ کان وفاقي حڪومت واپس ورتي ٿي وڃي يا نه؟ واري سوال جو دامن ڪشادو ڪرڻ بدران في الحال حيرت جي حمام ۾ بيٺل ان سوال تي سوچيون پيا، جنهن جو جواب ھن مھل تائين صرف يوٽيوبي صحافت ڪرڻ وارن ئي نه پر عملي سياست ۾ قيادت ڪرڻ وارا به ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نظر نه ٿا اچن. ڇو ته جڏھن سختيءَ سان پيش بدران پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي روايتي مھمانوازيءَ جي مظاھرو ڪيو ۽ پي ٽي آءِ کي پريشان ٿيڻ جي حد تائين حيران ڪندي کيس ائين آزادي ڏئي ڇڏي، جيئن “دل والي دلھنيا لي جائين گي” ۾ امريش پوري پنهنجي ڌيءَ ڪاجل جي ٻانهن مان ھٿ ڪڍندي کيس شاھ رخ طرف وڃڻ جي اجازت ڏيندي چيو ھو ته “جا سمرن جي لي اپني زندگي”، لڳ ڀڳ تيئن جھڙي طرح ڪي پي ڪي کان سواءِ پوري ملڪ ۽ ملڪ جي راڄڌاني يعني اسلام آباد ۾ مار ڪٽ جو شڪار ٿيندڙ تحريڪ انصاف کي ٻن ٽن ڏينهن لاءِپيپلز پارٽيءَ سنڌ ۾ سياست ڪرڻ جي عزت سان اجازت ڏني پر سنڌ سرڪار جي اھا سخاوت ٻه ڏينهن به جاري رھي نه سگھي. پھرين ميڊيا ته ميڊيا پر پي ٽي آءِ اي وارن کي به سمجھ ۾ نه پئي آيو ته سنڌ سرڪار مٿن مھربان ڇو آھي ۽ ھاڻي کين اھو سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته اچانڪ پيپلز پارٽيءَ جي جسم ۾ ن ليگ جو روح ڪيئن داخل ٿي ويو؟ ڇا پي ٽي آءِ سان پيپلز پارٽيءَ اھو ڪجھ نه ڪيو آھي، جنهن جو تذڪرو مرزا غالب پنهنجي ھڪ شعر ۾ ڪجھ نه ريت ڪيو آھي ته:

”در په رھني ڪو ڪھا اور ڪھ ڪي ڪيسي پھر گيا

جس گھڙي ۾ ميرا لپٽا ھوا بستر کھلا“

خير! پي ٽي آءِ جو وزير اعليٰ سنڌ ۾ گھڻو وقت ترسڻ ته نه آيو ھو پر آئي مھمان سان اھڙو سلوڪ اختيار ڪنهن طرح سان مناسب نه ھو. چوندا آھن ته “جيڪو بار کڻي نه سگھجي، ان جو ھوڪو به نه ھڻجي“. خير! پيپلز پارٽيءَ پنهنجي تازي عمل مان ثابت ڪيو آھي ته “يوٽرن” وٺڻ جو حق صرف تحريڪ انصاف کي حاصل نه ھو!

خيبر پختون خوا جي وڏي وزير پاڻ کي مليل آزادي ۽ پروٽوڪول جي حوالي سان اڳواٽ ان خدشي جو اظھار ڪيو ھو ته سنڌ سرڪار شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي سياست وارو ورتاءُ ڪيترو وقت قائم رکي ٿي؟ پر سنڌ ۾ پرديسي سي ايم کي اھڙي تبديليءَ لاءِ گھڻي وقت واري انتظار جي اذيت مان نه گذرڻو پيو.

مسلسل مار کائيندڙ ملڪ جي سياسي ڌر سان تعلق رکندڙ توڙي سندس خير انديش سنڌ ۾ سختيءَ بدران مليل رليف سبب پي ٽي آءِ لاءِ سنڌ ياترا ائين ثابت ٿي جيئن انٽروگيشن سيل ۾ ذھني ۽ جسماني تشدد کان پوءِ قيديءَ کي ڪجھ پل رليف ڏيڻ لاءِ گرم چانهن ۽ پسند جو سگريٽ پيش ڪيو ويندو آھي.

پيپلز پارٽي خيبر پختون خوا جي وڏي وزير جي آجيان ڪري ۽ سندس عزت ڀريو آڌرڀاءُ ڪري ۽ کيس ٻن ڏينهن جي سرگرميءَ مٿان سختي نه ڪرڻ واري عمل سان پنهنجي ان سياسي وقار کي واپس نه ورائي سگھي، جيڪو  پ پ جي مسلسل سمجھوتن سبب تباھ ٿي ٿي ويو آھي! پيپلز پارٽيءَ مٿان سندس ھمدرد حلقا به ھلڪن لفظن ۾ اھا تنقيد ڪري رھيا آھن ته، “ڪرسيءَ جي عشق ۾ ان پارٽيءَ پنهنجي سياسي ماضيءَ جو سستو سودو ڪري ڇڏيو آھي”.

ممڪن آھي ته ملڪ جي ھڪ مظلوم ڌر مٿان زيادتي نه ڪرڻ واري آسان عظمت حاصل ڪرڻ سبب پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پنهنجي ڊگھي سرڪار جي “ڪرپشن کان سواءِ ڪجھ نه ڪرڻ” واري پرسيپشن Perception مٿان پردو وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ھجي پر پيپلز پارٽي پنهنجي اھا ڪوشش ٻه ڏينهن به جاري رکي نه سگھي!!

تازو ڳڙھي خدابخش ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي ورسيءَ تي فيلڊ مارشل جي تعريف ۾ مسلم ليگ ن کي مات ڪرڻ جي ڪوشش سبب پاڻ مٿان پيل تنقيدي ڇنڊن کي صاف ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ محدود آزادي ڏيڻ وارو فيصلو ته ڪيو پر ٻن ڏينهن ۾ پ پ کي پتو پئجي ويو ته کيس ٻن ڏينهن تائين من ماني ڪرڻ جي آزادي ميسر ناھي!!

پاڪستان جي ھر شيخ چليءَ کي سياسي خواب ڏسڻ جي اجازت حاصل آھي پر اسٽيبلشمينٽ معرفت مليل اقتدار ۾ شيخ چلي ٿيڻ جي گنجائش موجود ناھي!!

مير تقي مير لکيو ھو:

”بڙي آروز تهي گلي ڪي تيري

سو ياس لھو مين نها ڪر چلي“

پيپلز پارٽيءَ جي سيني ۾ اھا سياسي تمنا تڙپي رھي ھئي ته ھوءَ خيبر پختون خوا جي وڏي وزير کي ٻن ڏينهن جو مان ڀريو مھمان بڻائي بعد ۾ گھڻي وقت تائين چوندي رھندي ته “مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ موجود فرق صاف ظاھر آھي“. ٻن ڏينهن کان پوءِ سنڌ ۾ مھمان وڏي وزير سان ٿيل سلوڪ ثابت ڪيو ته اھڙي فرق کي انجواءِ ڪرڻ جي پيپلز پارٽيءَ کي مطلوبا سھولت ميسر ناھي!!

خون صرف پيپلز پارٽيءَ جي خوابن جو نه ٿيو آھي پر تحريڪ انصاف جي حلقن ۾ اھا حسرت تڙپي سرد ٿي وئي، جنهن جو ڪڏھن سڌو ۽ ڪڏھن اڻ سڌو اظھار ڪندي ڪجھ اينڪر چوندا ھئا ته اھو ممڪن ڇو نه ٿو ٿي سگھي ته پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ گڏجي مسلم ليگ ن سان مھاڏو اٽڪائين. سھيل آفريديءَ سان ڪيل واعدو ٻه ڏينهن به نڀائي نه سگھڻ ثابت ڪيو آھي ته موجوده حالتن ۾ پيپلز پارٽيءَ ۽ پي ٽي آءِ جو ساٿ ممڪن ناھي!!

احمد فراز پيپلز پارٽيءَ سان ويجھڙائپ رکندڙ شاعر ھو. ھن جي ھڪ شعري مجموعي جو نالو آھي “ميري خواب ريزه ريزه” ھن ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي خوابن جو ڪجھ اھڙوئي حشر ٿيو آھي. پ پ کي 24 ڪلاڪن جي موڪل ملي وڃي ھا ۽ سھيل آفريدي ھڪ عدد جلسو مچائي موٽي وڃي ھا ته پيپلز پارٽي پاڻ کي وڇوٽيون گھٽائڻ ۽ سياسي ڌرين کي سرچائي ملائڻ واري وٿ بڻائي پيش ڪري ھا. پيپلز پارٽي ملڪي سياست ۾ موجود وڇوٽيون ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ھڪ پل بڻائڻ جو فيصلو ڪيو پر اها پل ٻه ڏينهن به سياسي سوارين جو بار برداشت نه ڪري سگھي!!

پيپلز پارٽيءَ پاران پھرين فراخ دلي ۽ پوءِ فسطائيت جو مظاھرو ڪرڻ باوجود پھاڙن کان لٿل لالا باغ جناح ۾ پنهنجو جلسو ڪري ويا. ممڪن آھي ته مھمان کي بي مانائتو ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي مجبور ڪيو ويو ھجي. اھو به ممڪن آھي ته پيپلز پارٽي خارجي دٻاءَ سبب بظاھر سختي ڪندي داخلي طور تي پي ٽي آءِ کي جلسو ڪرڻ جي ڳجھي اجازت ڏئي ڇڏي ھجي!! ھونءَ به اقتداري سياست جي صرف دوستي نقلي نه ھوندي آھي پر اھا نقلي دشمني ڪرڻ ۾ مھارت جو مظاھرو ڪرڻ جي صلاحيت کي ڪامياب سياست سمجھندي آھي!!