Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_dm2fmkn3l04n9r7b7mugcckp8f, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مشھور فلڪياتي ماھر ڪارل سيگن ... سمير مگسي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مشھور فلڪياتي ماھر ڪارل سيگن ... سمير مگسي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

مشھور فلڪياتي ماھر ڪارل سيگن … سمير مگسي

دنيا ۾ ڪروڙين اربين انسان پيدا ٿين ٿا جيڪي صرف ڄمندا ئي ٻين لاءِ آھن پر ھن ڪروڙن اربن واري دنيا ۾ تمام گھٽ ماڻھو پيدا ٿيندا آھن جيڪي وڏا ڪارناما سرانجام ڏين ٿا، جيڪي وڏا لڪيل مسئلا حل ڪن ٿا پوءِ اھي سائنس جي شعبي سان ڳنڍيل ھجن، فلسفي جا راز ھجن يا معاشي ۽ معاشرتي مسئلا ھجن. اھي ماڻھو تاريخ ۾ ھميشه امر ٿي وڃن ٿا ۽ اھي ئي ھڪ جامد سماج جي نيمن کي ٽوڙي ڪشادي نموني سان سوچ ويچار ڪن ٿا ۽ تاريڪي ۾ لاٽ ٻارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. فلڪياتي ماھرن جي دنيا ۾ ڪيئي انيڪ ھيرا موجود آھن جن ۾ ڪارل سيگن به ھڪ امر ھيرو آھي. ڪارل سيگن 9 نومبر 1934ع ۾ نيويارڪ آمريڪا ۾ ڄائو جنھن کي ننڍي عمر ۾ ئي ھن ڪائنات جي رازن کي سمجھڻ جو شوق ھو. ڪارل سيگن کي پنھنجا والدين ننڍپڻ ۾ ئي فلڪيات بابت مختلف ٿيندڙ پروگرامن ۾ وٺي ويندا ھئا ان ڪري ئي کيس ننڍپڻ ۾ سائنس فڪشن ڏانھن پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ مدد ملي. 1956ع ۾ سيگن فزڪس ۾ ڊگري حاصل ڪئي، جتي ان گرھن بابت گھرائي سان مطالعو ڪيو ۽ 1968ع کان NASA ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪرڻ لڳو، اُن دؤران ئي ڪيليفورنيا يونيورسٽي مان علم فلڪيات ۽ ايسٽروفزڪس مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي.
سيگن اسان کي پنھنجن مختلف نظرين جي ذريعي ھن ڪائنات بابت ايڪائي ۽ بي انتائي بابت روشناس ڪرايو، ھن ٻڌايو ته ڪائنات جي اُٿاھه ۽ بي انت ساگر ۾ اسان جي ڌرتي ھڪ پتڪڙو جزو آھي، ڪائنات کي ماپڻ جو پيمانو ميل يا ڪلوميٽر نه آھي پر اُھا روشني جي سال (Light years) سان ماپي وڃي ٿي. اھي فاصلا انسان جي تصور کان بعيد آھن. سائنس چوي ٿي ته اھا به ڪا حد نه آھي اڃا پنڌ پري آھي. سيگن وڌيڪ ٻڌايو ته رات جو تارن ڀري آسمان ڏانھن جڏھن توھان نھاريندا آھيو ته ستارن جو اھو سڄو سرشتو جنھن ۾ اسانجو سج به اچي وڃي ٿو، اھو کير ڌارا (Milky way Galaxy) سڏي وڃي ٿي. ان ۾ اٽڪل 1500 ڪروڙ تارا آھن، ۽ ڪائنات ۾ اھڙيون لکين کير ڌارائون آھن، پر سيگن چواڻي اھو به اڃا ڪو ڪائنات جو انت نه آھي. سيگن اھو پڻ ٻڌايو ته ايئن بلڪل نه سمجھيو وڃي ته ڪائنات ۾ رڳو ھڪ ئي دنيا وجود رکي ٿي جنھن ۾ اسين رھون ٿا. سائنس ثابت ڪري چڪي آھي ته ٻيون به ڪيتريون ئي دنيائون ڪائنات ۾ موجود آھن جتي ممڪن آھي “Aliens” جو وجود به ھجي. بھرحال 1970 ۽ 1980ع تائين ڪارل سيگن مڃيل سائنسدان ۽ فلڪياتي ماھر رھيو جنھن پڻ ڪيترائي ڪتاب به لکيا جن ماڻھن کي سائنس جي سحر ۽ ان جي گھرائي ۾ وڃڻ تي مجبور ڪيو، جن مان ڪجهھ ناولن تي سائنس فڪشن ۾ فلمون به ٺاھيون ويون. 1980ع ۾ “Cosmos” نالي سان T.V سيريز ۾ پڻ ڪم ڪرڻ لڳو جيڪا دنيا جي 60 ملڪن جي ماڻھن ۾ ڏٺي ۽ ٻڌي ويندي ھئي. ان دؤر جي مشھور ترين ٽي وي سيريز مڃي ويندي آھي جيڪا ھن جي وفات کانپوءِ نيل ڊگريس ٽائزن نالي فلڪياتي ماھر طرفان ميزباني طور ھلائي ويندي آھي. ڪارل سيگن 20 ڊسمبر 1996ع ۾ 62 سالن جي عمر ۾ نمونيا جي ڪري وفات ڪري ويو ۽ تاريخ ۾ ھميشه لاءِ امر ٿي ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *