| مصباح الحق ۽ سرفراز احمد سليڪشن ڪميٽي ۾ شامل |
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي ۾ ٻه اڳوڻا ڪپتان شامل ڪيا ويا آهن.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ويب سائيٽ تي سليڪشن ڪميٽي کي اپڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب مصباح الحق ۽ سرفراز احمد قومي سليڪشن ڪميٽي جا ميمبر بڻجي ويا آهن.