| مصر جي قديم احرام ۾ ڳجهو رستو هجڻ جو انڪشاف |
روم(انٽريسٽنگ نيوز) مصر جي قديم احرام ۾ ڳجهو رستو هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب مصر جي قديمي احرامن مان هڪ احرام ۾ ڳجهو رستو هٿ ڪيو ويو آهي، احرام مينڪور کي 4550 سال اڳ مينڪور جي فرعون لاءِ ٺاهيو ويو هو، آثار قديمه جي ماهرن ان احرام ۾ داخل ٿيڻ جو هڪ ڳجهو رستو ڳولي ورتو آهي.گيزا ۾ موجود ٽن مرڪزي احرامن ۾ احرام مينڪور کي خاص اهميت مليل آهي، رپورٽ موجب ماهرن هاءِ ٽيڪ ريڊار ۽ الٽرا سائونڊ ذريعي حيرت انگيز اشارا پڻ دريافت ڪيا آهن، اشارن ۾ اوڀر واري حصي جي هيٺ 2 خالي جايون پالش ڪيل پٿر سان ٺهيل مليون آهن، اهي پٿر زبردست نموني پالش ڪيا ويا آهن، جيڪي لڳ ڀڳ 4 ميٽر اوچا ۽ 6 ميٽر ويڪرا آهن، ان نموني جا ٻيا پٿر جيڪڏهن ڪنهن ٻي جاءِ تي مليا آهن ته اها ان احرام جي اتر طرف موجود مرڪزي داخلا واري هنڌ آهن. سائنسدانن جو وڏي عرص کان خيال هو ته ان احرام ۾ امڪاني طور تي ڪو ٻيو رستو به آهي، تحقيق ڪندڙن جي ٽيم نيٺ اهڙو ثبوت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.