مصر مان 1700 سال پراڻو تاريخي شهر دريافت

مصر مان 1700 سال پراڻو تاريخي شهر دريافت

قاهره (انٽريسٽنگ نيوز) مصر ۾ آثار قديمه جي ماهرن هڪ ريگستان ۾ هڪ صديون پراڻو شهر دريافت ڪيو آهي. اهو شهر، جيڪو چوٿين صدي عيسوي جو آهي، هڪ بازنطيني دور جو ماڳ هو جنهن ۾ رهائشي ۽ مذهبي عمارتون هيون، جن ۾ هڪ چرچ به شامل هو. ماهرن سڪا، ٿانو ۽ اوزار پڻ دريافت ڪيا آهن. مصري وزارت سياحت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته قديم شهر مصر جي اولهه صوبي نيو ويلي ۾ هڪ ريگستاني نخلستان ۾ دريافت ڪيو ويو هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قديم شهر ۾ روزاني زندگي، شهري ترقي ۽ معاشي سرگرمين کي دريافت ڪيو ويو آهي. مصر هن دور ۾ بازنطيني سلطنت جي ماتحت هو. شهر روڊن وسيلي ڳنڍيل هو، جڏهن ته چوراها ۽ عوامي جڳهيون پڻ موجود هيون. چرچ شهر جي مرڪز ۾ واقع آهي، جڏهن ته ٻن واچ ٽاورز جا نشان پڻ آهن، جيڪي شايد شهر جي حفاظت لاءِ ٺاهيا ويا هئا. ماهرن مطابق هڪ وڏي ٿلهي حفاظتي ڀت به ملي آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن ۾ استقباليه هال ۽ والٽ ٿيل ڇتون هيون. ان سان گڏ ماهرن چلهيون، باورچی خانه، ٽامي جا سڪا ۽ اٽو پيهڻ جا جنڊ پڻ دريافت ڪيا. سڪن تي بازنطيني شهنشاهه جون تصويرون، گڏوگڏ لاطيني لفظ ۽ عيسائي علامتون هيون. اتي مليل سون جا سڪا رومن شهنشاهه ڪانسٽنٽائين II جي دور جا آهن، جنهن 337 کان 361 تائين حڪومت ڪئي. ٻئي طرف آثار قديمه جي ماهرن اليگزينڊرريا کان 62 ميل اولهه ۾ 18 تاريخي مقبرا پڻ دريافت ڪيا آهن. انهن مان 11 پٿرن جا هئا، جڏهن ته 7 چن جي پٿر جا ٺهيل هئا. انهن مقبرن مان مٽيءَ جا ٿانو، ڏيئا، پليٽون ۽ چن جي پٿر جا ٺهيل ٿانو پڻ دريافت ڪيا ويا.