مصر ۾ سڪندر بادشاهه جو 2200 سال پراڻو مجسمو دريافت

آگسٽ 12, 2023

قاهرا (م ڊ) مصر ۾ قديم نوادرات جي وزارت تازو ئي سڪندريا ۾ هڪ قديم رهائشي ۽ واپاري قديم آثارن جي اندر سڪندر بادشاهه جو مجسمو دريافت ڪيو آهي جنهن بابت خيال آهي ته اهو قديم مصر جي آخري شاهي دور 2200 سان واسطو رکي ٿو

 ميڊيا رپورٽن موجب ماهرن جي ٽيم سڪندر بادشاهه جي مجسمي سوڌو مجسمي جا سانچا ۽ ويڙهاڪن لاءِ تعويز ٺاهڻ جو سامان به دريافت ڪيو

 وزارت جي سيڪريٽري جنرل مصطفيٰ وزيري جو چوڻ هو ته سڪندريا جي ڄانايل مٿانهين علائقي ۾ پينٽ ڪيل سرنگ جهڙين ٽينڪن جو وڏو نيٽورڪ به مليو آهي

 هن چيو ته اهو علائقو ٻين صدي قبل مسيح کان چوٿين صدي عيسوي تائين سرگرم هو جتان مٽيءَ جا ٿانو، سڪا، پليٽون مڇي پڪڙڻ جا اوزار ۽ مسافرن لاءِ آرام گاهون به دريافت ٿيون آهن

 علائقي مان هٿ آيل نمونن جو تجزيو ڪندڙ ٽيم ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ هڪ بازار هئي جنهن ۾ ٿانو وڪرو ٿيندا هئا ۽ مجسما، تعويز ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ لاءِ ورڪشاپس هئا

Leave A Comment