مصطفيٰ جي تقدير ۾ موت لکيل هو،آئون ٿورو ملوث آهيان، پوليس ڪارو جادو ڪرايو: ارمغان
مارچ 23, 2025
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه)ڪراچي جي خاص عدالت مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان کي عدالتي ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، ڪالهه جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ارمغان خلاف وڌيڪ 3 ڪيس پڻ ٻڌڻي هيٺ آهن، انهن ڪيسن ۾ جوابدار کي جيل ۾ موڪليو وڃي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار جو طبي معائنو ڪرائڻ لاء چيو هو؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته ارمغان جو 20 مارچ تي طبي معائنو ڪرايو هو، جوابدار جوڊيشل مئجسٽريٽ سامهون بيان ريڪارڊ ناهي ڪرايو، جنهن تي خاص عدالت چيو ته جوابدار پاڻ جج سامهون ڏوھه جو اعتراف ڪرڻ لاءِ چيو هو، انهي تي جوابدار ارمغان چيو ته آئون بيان رڪارڊ ڪرڻ چاهيان ٿو, جوڊيشل مئجسٽريٽ منهنجي بيان ريڪارڊ ڪرائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ارمغان چيو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ مون کي چيو هو ته تون ذهني طور تي ڳالهائڻ جي قابل ناهي، جنهن تي عدالت چيو ته تنهن جي حالت بهتر ٿي وئي آهي, جوابدار ارمغان چيو ته اينٽي وائلنٽ سيل ٿاڻي ۾ ڪجهه غيبي اثرآهن، پوليس مونتي ڪارو جادو ڪرايو آهي، مون مصطفيٰ کي قتل ناهي ڪيو، انهي کان اڳ جوڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ جوابدار ارمغان اعترافي بيان کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت چيو ته جوابدار جي ذهني حالت اهڙي ناهي جو اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائي سگهجي، جوابدار پهريان اعتراف ڪيو، بعد ۾ وري انڪار ڪيو، عدالت جوابدار جي اعترافي بيان واري درخواست پڻ خارج ڪری ڇڏي، ارمغان پنهنجي بيان ۾ چيو ته مون مصطفيٰ عامر کي ذاتي تڪرار تان قتل ڪيو، منهنجو مصطفيٰ عامر کي قتل ڪرڻ جو ڪو پلان نه هو، اهو سڀ ڪجهه اوچتو ٿيو, ارمغان چيو ته آئون ڏوهه نٿو مڃان، هن چيو ته کيس يهودي لابي ۽ اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسي موساد کان ڌمڪيون ملي رهيون آھن، موساد ڪافي عرصي کان منهنجي پٺيان آهي، مصطفيٰ عامر جي ماءُ به يهودي لابي جو حصو آهي، ارمغان الزام مڙهيندي چيو ته پوليس مٿس ڪارو جادو ڪرايو آهي، جنهن سبب منهنجي جسم ۾ درد ٿي رهيو آهي، هن چيو ته مون مصطفيٰ عامر کي نه ماريو آهي، مون مصطفيٰ کي ڪار ۾ ڇڏي گاڏي جي اڳئين حصي کي باهه ڏني هئي، مصطفيٰ عامر جو فيصلو الله تي ڇڏيو هئم، ڪجهه وقفي کانپوءِ ارمغان چيو ته مون مصطفيٰ کي سڌي ريت ناهي ماريو، مصطفيٰ جي تقدير ۾ مرڻ لکيل هو، آئون به ٿورڙو ملوث آهيان، ٻئي طرف مصطفيٰ کي ساڙي مارڻ بعد ارمغان ۽ شيراز جي حب مان ڪراچي واپس ورڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي وئي، جاچ اختيارين موجب جوابدارن مصطفيٰ کي قتل ڪرڻ بعد پهرين پنڌ ڪيو، پوءِ گاڏي واري کي 3 هزار رپيا ڏئي ڪراچي پهتا هئا.