| مصطفيٰ قتل ڪيس: ارمغان کي چريو ثابت ڪرڻ جا جتن |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عامر مصطفيٰ ڪيس جي مک جوابدار ارمغان جي ماءُ پٽ جي نفسياتي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي جوڙجڪ بابت درخواست ڏئي ڇڏي، جنهن جي مخالفت ڪندي مصطفيٰ واري ڌر چيو ته ارمغان کي ذهني طور تي بيمار قرار ڏئي ٽرائل کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ماضيءَ ۾ ارمغان خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪنهن به پراڻي ڪيس ۾ اهڙي درخواست نه ڏني وئي، جوابدار ارمغان جي ذهني حالت بابت ڪو به رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو، سول اسپتال جي نفسيات دان ايف آءِ اي جي حراست ۾ معائني کانپوءِ کيس نارمل قرار ڏنو هو، عدالت ميڊيڪل بورڊ جي جوڙجڪ جي درخواست تي ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا.