ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) مصنوعي ذهانت جو 10 منٽ استعمال به توهان جي سوچڻ جي صلاحيت متاثر ڪري سگهي ٿو. جائزو، مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪم کي گهڻو آسان بڻائي ٿو پر اهو توهان کي ذهني طور سست ذهن بڻائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. اها دعويٰ هڪ نئين جائزي ۾ سامهون آئي آهي، چار وڏين يونيورسٽين جي گڏيل جائزي ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ڏينهن دوران ڪنهن مصنوعي ذهانت واري ڳالهه ٻولهه ڪندڙ نظام کي رڳو 10 منٽن لاءِ استعمال ڪرڻ سان سوچڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيتن تي منفي اثر پون ٿا. هن جائزي ۾ شامل رضاڪارن کي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا جنهن دوران ڪجهه ماڻهن کي مصنوعي ذهانت واري مددگار تائين رسائي پڻ ڏني وئي ته جيئن اهي ڪم مڪمل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهي. جائزي ۾ معلوم ٿيو ته جڏهن انهن کان مصنوعي ذهانت جي مدد واپس ورتي وئي ته اهي ماڻهو غلط جواب ڏيڻ لڳا يا هنن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. سادن لفظن ۾ جڏهن مصنوعي ذهانت کان مدد نه ملي ٿي ته ماڻهن لاءِ سوچڻ يا اهو ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. محققن ٻڌايو ته نتيجن جو مطلب اهو ناهي ته تعليمي ادارن يا آفيسن ۾ مصنوعي ذهانت تي پابندي لڳائي وڃي.
هن ٽيڪنالاجي سان ماڻهن کي پنهنجو ڪم بهتر نموني ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ اها واقعي قيمتي آهي پر ان حوالي سان احتياط جي ضرورت آهي.