مضبوطن  صوبن سان ئي وفاق مضبوط ٿيندو: مراد شاهه 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه  چيو آهي ته سنڌ ملڪ جي بانيڪار آهي، سڄي ملڪ ۾ مڪاني نظام رڳو سنڌ ۾ آهي، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ به اهڙو نظام ناهي،   ڪالهه هتي فريئر هال ۾ ڪي ايم سي پاران 15 ڏينهن واري سلام ڪراچي فيسٽيول جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ سرڪار صاف سٿري، سرسبز، محفوظ ڪراچي ٺاهڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي،  هن سلام ڪراچي جو حوالو ڏيندي چيو ته هن فيسٽيول شهر جي متحرڪ سڃاڻپ کي اجاگر ڪيو آهي،  شهرين ۽ سندن شهر  وچ ۾ مضبوط لاڳاپي کي ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي اسان سڀني جي آهي. انجي جو مستقبل اسان جي گڏيل ڪوششن تي منحصر آهي،  شهر جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جو گڏيل مشن آهي. هن چيو ته شهري انفراسٽرڪچر، عوامي خدمتن، پارڪن، راندين جي سهولتن، ثقافتي ادارن ۽ تفريحي ماڳن کي بهتر ڪبو لياري ۽ ملير کان وٺي ڪورنگي، ڪلفٽن، اورنگي ۽ گلشنِ حديد تائين سمورن علائقن کي ترقي ڏياربي. سلام ڪراچي کي ايندڙ سالن ۾ هٿي ملندي، اهو شهر جي ثقافتي ڪلينڊر جو مستقل حصو بڻجي ويندو. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾  سنڌ ۽ ڪي پي ۾ گڏيل سهڪار، لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ صوبن وچ ۾ تجربن جي ڏي وٺ کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ وزيراعليٰ چيو ته وفاق تڏهن ئي مضبوط ٿيندو جڏهن صوبا مضبوط ٿيندا، ان ڪري صوبن وچ ۾ سهڪار وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي اختلافن کان وڌيڪ مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو،  وفاق توڙي صوبن وچ ۾ بهتر رابطاڪاري ۽ سهڪار کي وڌائڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته سياسي استحڪام ۽ جمهوري عمل جو تسلسل ملڪي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي