| مظهر صديقي دور ۾ سنڌ ورسٽي ضابطن هيٺ رهي: سلطانه صديقي |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي مظھرالحق صديقي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران ايڪوز آف سنڌ جي سري ھيٺ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي آپا سلطانه صديقي چيو ته مظهر الحق هڪ تمام وڏي شخصيت هئي، مظهرالحق صديقي جڏهن سنڌ ورسٽي ۾ وائيس چانسلر هو، ان وقت ڪنهن جي مجال نه هوندي هئي ته ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪري، ادا چوندو هو ته جيڪڏهن ھن دنيا ۾ اچي به ٻين لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته سمجھو، ماڻهو هن دنيا ۾ آيو ئي ناهي، مظهر معاشري لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي هڪ بهترين مثال هو ـ تقريب کي،جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ خطاب ڪندي ڊاڪٽر مظهر الحق صديقي کي ڀيٽا پيش ڪئي