| معاشي ترقي ۽ سڌارن لاءِ صوبن ۽ وفاقي ادارن جي گڏيل سهڪار کي يقيني بڻايو وڃي: وزيراعظم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نئين سال جي پهرين ڏينهن معاشي سڌارن، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت اجلاس منقعد ٿيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاران پيش ڪيل معاشي سڌارن تي ٻڌل اقتصادي گورننس پاليسي تي سڀني وزارتن طرفان اثرائتي عملدرآمد لازمي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل وزارتن کان عملي قدمن ۽ گهٽ ۾ گهٽ مدت تي ٻڌل جامع حڪمت عملي لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن. وزير اعظم چيو آهي ته سيڙپڪارن لاءِ اداراجاتي ۽ انتظامي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزير اعظم پرڏيهي ۽ ملڪي سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ، سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ برآمداتي شعبي، ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن کي خاص اهميت ڏيڻ بابت لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي. اجلاس دوران مختلف وزارتن وزيراعظم کي جاري ترقياتي منصوبن ۽ معاشي، اداراجاتي ۽ انتظامي سڌارن بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم وزارتن وچ ۾ هم آهنگي ۽ صوبن ۽ وفاقي ادارن جي گڏيل سهڪار کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير پلاننگ اينڊ ڊويلپمينٽ احسن اقبال، وفاقي وزير اطلاعات و نشريات عطا الله تارڙ، وفاقي وزير پٽروليم علي پرويز ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله، خاص معاون هارون اختر، صوبن جي چيف سيڪريٽريز، نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايس آءِ ايف سي ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي.