| معاشي جنگ جاري رهي ته نار ۾ بحري زون قائم ٿيندو، مزاحمت تان پوئتي نه هٽنداسين: ايران جي ڌمڪي |
تهران(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن واشنگٽن ايران خلاف معاشي جنگ جاري رکي ته تهران خليج فارس ۾ بحري اخراجي زون قائم ڪري سگهي ٿو. محسن رضائي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته ايران خلاف معاشي جنگ جو جواب خليج فارس ۾ ان علائقي تائين بحري اخراجي زون قائم ڪري ڏنو ويندو جتي آمريڪي ناڪابندي جون حدون موجود آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ايران تازن ڏينهن ۾ نئين ايم ايڇ سائلن ذريعي آمريڪا کي واضح پيغام ڏنو آهي. رضائي موجب تهران آمريڪي جنگي بحري جهازن ۽ فوجي اڏن جي حوالي سان پنهنجي فوجي حڪمت عملي ۾ به بنيادي تبديلي ڪئي آهي. ايراني عهدييدار جي دھمڪي اهڙي وقت ۾ سامھون آئي آهي جڏهن آبناءِ هرمز ۽ خليج فارس ۾ بحري آمدورفت پهريان ئي شديد متاثر آهي ۽ آمريڪا و ايران وچ ۾ ڪشيدگي برقرار آهي. رائيٽرز موجب ايران هڪ نئين بحري پابندي واري علائقي جي قيام جي به دھمڪي ڏني آهي، جنهن ۾ داخل ٿيندڙ غيرمجاز بحري جهازن کي پابندين جو سامنا ٿي سگهي ٿو. آبناءِ هرمز عالمي توانائي جي تجارت لاءِ انتهائي اهم گذرگاهہ آهي، ان ڪري خليج ۾ ڪنهن نئين بحري اخراجي زون جي قيام سان عالمي تجارت ۽ تيل جي ترسيل تي وڌيڪ دٻاءُ پوڻ جو خدشو آهي.ٻئي طرف ايراني صدر مسعود پزيشڪيان چيو آهي ته ايران جارحيت ڪندڙن کي ‘مڪمل پڇتاءُ’ تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور طاقت سان مزاحمت جاري رکندو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مسعود پزيشڪيان چيو ته ايران هميشه جنگ جي مخالفت ڪندو رهيو آهي ۽ عوام جي مفادن ۽ خطي جي سلامتي لاءِ تڪرار شروع ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو. جڏهن ته ايراني پيٽروليم وزير محسن پاڪ نژاد دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن دوران ايران جي اهم تيل مرڪز خارگ ٻيٽ کي 550 کان وڌيڪ ئي ڀيرا نشانو بنايو ويو. ايراني وزارت پيٽروليم جي گذريل ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان هڪ انٽرويو ۾ گفتگو ڪندي محسن پاڪ نژاد چيو ته وزارت حملن ۽ ٻين مشڪلاتن جي باوجود ملڪ جي تيل ۽ گئس جي شعبي سان لاڳاپيل اهم منصوبن تي ڪم جاري رکيو. ايراني وزير ٻڌايو ته تقريبن 23 کان 24 چورس ڪلوميٽر رقبي تي پکڙيل خارگ ٻيٽ، جيڪو ايران جي تيل برآمدات جو اهم مرڪز آهي، حملن دوران بار بار نشانو بنيو.