| معاف ڪجو نشي ۾ هئس: چور سامان سان گڏ معافي نامو به ڇڏي ويو |
نيو جرسي (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا جي نيو جرسي ۾ هڪ حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو، جتي هڪ چور گٽار جي دڪان مان سڀئي چوري ٿيل شيون واپس ڪيون ۽ معافي جو هڪ نوٽ به ڇڏي ويو. چور پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته هو شراب جي نشي ۾ هو ۽ اسٽور جي مالڪ کي نيڪ خواهشن جو پيغام به موڪليو.لارڪ اسٽريٽ ميوزڪ جي مالڪ بزي ليوائن موجب چور ٻه مينڊولين واپس ڪيا جيڪي اڳ ۾ چوري ڪيا ويا هئا. مالڪ چيو ته جڏهن هو چور کي پڪڙڻ لاءِ دروازي ڏانهن ڊوڙيون ته چور اڳ ئي گهٽي ڏانهن ڀڄي چڪو هو. هن بعد ۾ پوليس کي اطلاع ڏنو ته جيئن چور کي پڪڙڻ لاءِ قدم کڻي سگهجن.ليوائن اسٽور جي فيس بڪ پيج تي چور جي معافي ۽ واپسي جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون. ان ۾ چور لکيو، “معاف ڪجو آئون شراب جي نشي ۾ هئس، ميري ڪرسمس، توهان هڪ سٺا ماڻهو آهيو.”اسٽور جي مالڪ چيو ته قيمتي شيون واپس ڪرڻ کان پوءِ جو منظر فلم جي منظر وانگر محسوس ٿيو. چوري ٿيل اوزارن جي قيمت لڳ ڀڳ 22 لک پاڪستاني رپيا (7,750 ڊالر) هئي.اهو واقعو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي ويو، صارفين چور جي غير معمولي واپسي تي حيرانگي جو اظهار ڪيو.