معاملا طئي نه ٿيا: وزارتن تي تڪرار برقرار، متحده پاران اسپيڪر ۽ وزيراعظم لاءِ حمايت، بلدياتي ترميم جو مطالبو منظور

فيبروري 29, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم اتحادي جماعتن کي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي

 اتحادي جماعتن جي وفد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ اياز صادق، يوسف رضا گيلاني، عليم خان، صادق سنجراڻي، خورشيد شاهه ۽ خالد مگسي شامل هئا

ملاقات بعد اياز صادق چيو ته ايم ڪيو ايم اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، صدر ۽ چيئرمين سينيٽ جي ووٽ لاءِ به ٻيهر ايم ڪيو ايم وٽ اينداسين

هن چيو ته نوازليگ بلدياتي آئيني ترميم بابت ايم ڪيو ايم جو مطالبو تسليم ڪيو آهي، پيپلزپارٽي ۽ ٻين جماعتن سان گڏجي ان بابت حڪمت عملي جوڙينداسين

متحده جي خالد مقبول صديقي چيو ته اسان اتحادي جماعتن کي ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اسان نه ٿا چاهيون ته جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاٿو وڃي

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم مطالبا تسليم ٿيڻ تائين وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، متحده نواز ليگ کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي

ذريعن  موجب نواز ليگ متحده کي رڳو هڪ وزارت ڏيڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته متحده 4 وزارتون گهري رهي آهي

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم گورنر سنڌ متحده جو هجڻ جو به شرط رکيو آهي،  نواز ليگ جو چوڻ آهي ته متحده سان معاملا حل ڪيا ويندا، ڳالهيون اڃا جاري آهن

Leave A Comment