| معاملو حڪومتي تبديلي کان پائلٽ ڳولي ڏيو تائين پهچي ويو: آمريڪا تي طنز |
تهران(م ڊ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف آمريڪا تي طنز ڪندي چيو آهي ته معاملو حڪومت جي تبديلي کان ڇا ڪوئي اسان جو پائلٽ ڳولي سگهي ٿو تائين پهچي ويو آهي، تمام سٺو ڇا ته ڪارڪردگي آهي، هڪ ٻئي بيان ۾ هن آبنائي مندب جي بندش جي اثرن جو اشارو ڏيندي چيو ته دنيا جو ڪيترو تيل، ڪڻڪ، چانور، ڀاڻ ۽ ايل اين جي آبنائي مندب مان مان گذري ٿي، اهو لنگهه بند ٿيو ته تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ايران جي اعليٰ عهديدار محسن رضايي چيو آهي ته آمريڪا پاران ايراني فضائي دفاعي نظام تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪوڙ آهي، بهتر ٿئي ها ته فوجي ڪمانڊرن بدران ٽرمپ کي برطرف ڪيو وڃي ها، هن چيو ته اسان هن جنگ لاءِ ورهين کان تيار آهيون، سرپرائز اڃا جاري آهي، هوڏانهن ايراني پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊر جنرل قاآني جو چوڻ آهي ته سمورن آمريڪي دهشتگرد فوجن جو مقدر علائقي مان ڀڄڻ آهي. جنرل قاآني چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي سامونڊي ٻيڙي جيرالڊ فورڊ جي ڪمانڊر کي به هٽائڻ گهرجي، جيرالڊ فورڊ جي ڪمانڊر يمن جي بهادر مجاهدين ۽ ثابت قدم عوام جي ڊپ کان آبناءِ باب المندب مان لنگهڻ جي جرئت نه ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪمانڊر جيرالڊ فورڊ 2 هفتن جي خواريءَ کانپوءِ من گهڙت ڪهاڻي ٺاهي ڳاڙهي سمنڊ مان فرار ٿي ويو.