| معاهدو ٽٽڻ جو خطرو: آمريڪا ۽ ايران جا هڪٻئي تي حملا، بحري جهاز کي نقصان، عملو محفوظ، بحرين جو احتجاج |
تهران/واشنگٽن/دوحا (م ڊ) آمريڪا ۽ ايران ۾ معاهدي جي هڪ هفتي اندر ئي ٻنهي ملڪن هڪٻئي تي حملا ڪيا آهن، آمريڪا چيو آهي ته ايران بحري جهاز تي حملو ڪيو جنهن کان پوءِ ايران جي ميزائيل اڏن کي نشانو بڻايو ويو. ايران جوابي ڪارروائي ۾ عرب ملڪن ۾ آمريڪي اڏن تي حملا ڪيا. مليل اطلاعن موجب عمان جي ساحل کان ٻاهر هرمز ۾ هڪ جهاز تي حملو ڪيو ويو هو جنهن جو الزام آمريڪا ايران تي لڳايو. ايران دعويٰ ڪئي ته جهاز هرمز جي اڻ مجاز رستي تان گذرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن سبب ڪارگو جهاز کي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ان بعد آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايران هرمز مان گذرندڙ جهازن تي گهٽ ۾ گهٽ چار ڊرون لانچ ڪيا هن ڊرون حملي کي جنگ بندي معاهدي جي بيوقوف خلاف ورزي قرار ڏنو. جنهن بعد آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) اعلان ڪيو ته آمريڪي فوجن ايراني ميزائل ۽ ڊرون اسٽوريج سائيٽن ۽ ساحلي ريڊار تنصيبات کي نشانو بڻايو آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ اهو به چيو ته آمريڪي فوج هرمز مان گذرندڙ تجارتي جهازن کي محفوظ رستو ۽ مدد فراهم ڪندي رهندي. ايران تي آمريڪا جي فضائي حملي کانپوءِ آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس جو چوڻ آهي ته تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو ويندو، جيڪڏهن ايران کي ايم او يو تي عملدرآمد جي طريقيڪار بابت اختلاف آهي ته هو سڌو سنئون رابطو ڪري سگهي ٿو. برطانوي بحري واپاري آپريشن تنظيم پاران هڪ اعلان ڪيو ويو ته ڇنڇر تي هرمز ۾ هڪ تيل ٽينڪر هڪ نامعلوم بارود سان ٽڪرائجي ويو. تنظيم جي مطابق، حملي ۾ جهاز کي نقصان پهتو، پر عملي جا سڀئي ميمبر محفوظ آهن ۽ پريس وقت تائين ڪو به ماحولياتي نقصان نه ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي ته ايراني بحري ۽ هوائي فوج ايراني شهر سرڪ تي آمريڪي حملي کي رو ڪي ڇڏيو، حملو ڪندڙ فوجن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. ڇنڇر ڏينهن پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي ته انهن ايراني ساحلن تي آمريڪي حملي جي جواب ۾ علائقي ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايران اسلام آباد مفاهمت جي يادداشت جي آرٽيڪل 5 جي مطابق آبنائے هرمز ۾ ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ذميوار آهي. IRGC خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪي حملي کي بار بار ڪيو ويو ته ايران جو جواب وڌيڪ وسيع هوندو. ايراني پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي حملا ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل مفاهمت جي يادداشت جي واضح ڀڃڪڙي آهن، آمريڪا ايراني سامونڊي نگراني وارن ٿاڪن کي نشانو بڻائي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت موجب، ايراني فوج آمريڪي حملن جي ردعمل ۾ آمريڪا سان لاڳاپيل هدفن تي دفاعي ڪارروائيون ڪيون. نار جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري تي قائم ملڪ پنهنجي سرزمين ايران خلاف ڪنهن به حملي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏين. بحرين ڇنڇر ڏينهن ايران پاران پنهنجي علائقي تي ڪيل مبينا ڊرون حملن جي سخت مذمت ڪئي. بحرين جي حڪومت جو چوڻ آهي ته ملڪ کي پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جو دفاع ڪرڻ جو پورو حق آهي.