| معاهدي تي وار: اسرائيل پاران يلو لائن غزه جي نئين سرحد قرار |
تل ابيب(م ڊ) اسرائيل جو امن معاهدي تي وار، اسرائيلي آرمي چيف والاريل يلو لائن کي غزه جي نئين سرحد قرار ڏئي ڇڏيو، جنگبندي معاهدي ۾ طئي ٿيو هو ته اسرائيلي فورسز ان لائن تان پوئتي هٽندي، هن وقت اسرائيلي فوج غزه جي تقريبن 53 سيڪڙو حصي تي قابض آهي جيڪو وڌ کان وڌ زرعي علائقا آهن، هوڏانهن غزه امن منصوبي جو ٻيو مرحلو شروع ٿيڻ وارو آهي، هلندڙ مهيني جي آخر ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو صدر ٽرمپ سان سان ملاقات ڪندو ته جيئن منصوبي پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي.