معدنياتي منصوبا ملڪ جي ترقيءَ جا اهم ڏاڪا آهن: آرمي چيف

آگسٽ 1, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اسان جي سرزمين معدنيات سان مالامال آهي، اسان جي معاشرتي ذميواري آهي ته اسان گڏجي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون

اسلام آباد ۾ پاڪستان منرلز سمٽ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته معدنياتي منصوبا عوام جي ترقيءَ جا اهم ڏاڪا آهن، سامونڊي پٽي کان ميداني علائقن تائين ۽  برف سان ڍڪيل جبلن کان ريگستان تائين پاڪستان ۾ هر شيءِ موجود آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ لڪيل خزانا دريافت ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا

آرمي چيف چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري دوست نظام يقيني بڻائينداسين، اهڙو نظام ضروري آهي جتي آسان شرط هجن ۽ غير ضروري التوا کان بچي سگهجي،هن چيو ته حڪومت سمورن ادارن کي گڏائي ايس آءِ ايف سي جو قيام يقيني بڻايو، منرل سمٽ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن لاءِ آسان ڪاروبار جا نوان اصول واضح ڪري ٿو، امن ۽ خوشحالي جي رستي تي هلڻ ئي سٺو آهي معدنياتي منصوبا عوام جي ترقي جو رستو آهن

جنرل عاصم منير چيو ته سورت رحمان ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ۽ توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندا، پاڪ ڪتاب جو حوالو ڏيندي هن چيو ته خدا به انهن جي مدد ڪري ٿو جيڪي پنهنجيون حالتون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اسان پاڪستان کي ترقيءَ جي دڳ تي آڻڻ چاهيون ٿا، اسان گڏجي مشڪلاتن مان نڪرنداسين، پنهنجي خطاب دوران آرمي چيف قرآن پاڪ جي آيت ۽ علاما اقبال جو شعر به پڙهيو

Leave A Comment