| معدنيات اسڪينڊل : 2 ڪامورا معطل: جاچ جو حڪم |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾معدنيات جي غيرقانوني کوٽائي وارين شڪايتن تي2 آفيسر معطل: انڪوائري جو حڪم، ان ڏس ۾ سنڌ ۾ معدنيات جي غيرقانوني کوٽائي وارين شڪايتن تان معدنيات کاتي جي 2 آفيسرن ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن مجتبيٰ امير شاھ ۽ اسسٽنٽ عبدالستار ساند کي معطل ڪري سندن خلاف کاتيوار ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ صوبائي وزير سردار شاھ چيو آهي ته غير قانوني مائننگ ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته آفيسرن کي پوليس سان گڏجي معدنيات کڻڻ خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.