ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي معدنيات کاتي ڪارونجهر جي نيلامي وارو اشتھار رد نئين سمري تيار ڪري ورتي آهي جيڪا وزيراعليٰ ڏانهن اماڻي ويندي
معدنيات واري وزير شبير بجاراڻي جي صدارت ۾ عملدارن جو اجلاس ٿيو، ڊي جي رڪارڊ سميت پھچي ويو
ذريعن موجب ڊي جي پاران بريفنگ ڏني وئي ڪارونجھر جبل رڳو ننگرپارڪر شھر وارو حصو آھي، شھر کي ڇڏي ڳوٺن واري پاسي کان ليز ڪري ٿا سگھون
ذريعن موجب سيڪريٽري معدنيات پاران اشتھار ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ سمري تيار ڪري وڏي وزير کي موڪلي ويندي
صوبائي وزير شبير بجاراڻي پاران ننگرپارڪر شھر جي ويجھو واريون سموريون سائيٽون اشتھار مان ڪڍڻ جي ھدايت ڪئي وئي
اشتھار مان ڪجهه سائيٽس گھٽائي باقي برقرار رکيون وينديون، وڏي وزير کي سمري اماڻي ويندي ان حوالي سان معدنيات کاتي پاران روينيو کاتي کان پڻ مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
ذريعن موجب جيڪڏهن نئون اشتھار ڏيڻ جو وڏي وزير حڪم ڏنو ته پوءِ روينيو رڪارڊ مطابق ھاڻي ديھه ۽ تپو لکي اشتھار ڏنو ويندو