| معدنيات کاتي سڀئي جبل ختم ڪري ڇڏيا، هاڻ اتي کڏا آهن، رڳو سيوهڻ جبل باقي بچيل آهي: هاءِ ڪورٽ |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ٺٽي ضلعي ۾ لائيم اسٽون ( چن جو پٿر )، ريتي ۽ بجري ڪڍڻ خلاف داخل درخواست تي معدنيات کاتي ۽ ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر کي سائيٽ وزٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته جتي مائننگ ٿي رهي آهي، اتان جو معائنو ڪيو وڃي، اهو ڏٺو وڃي ته ڪهڙي شيءِ (معدنيات) جي ڪيتري مائننگ ٿي رهي آهي؟، 28اپريل تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جسٽس عدنان الڪريم چيو ته سڀئي جبل ختم ڪيا ويا آهن, ڪٽي پهاڙي به ڪاٽي وئي آهي، اتان جو حال ڏسو، حيدرآباد کان ڪراچي وچ ۾ ننڍا ننڍا جبل هئا، اهي به ختم ٿي ويا آهن, هاڻي صرف سيوهڻ جو جبل بچيو آهي، ان کي به ختم ڪري ڇڏيندا، توهان ليز تي وڙهي رهيا آهيو، نقصان عوام جو ٿي رهيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالتي اسٽي باوجود ريتي ۽ بجري کنئي پئي وڃي, ٺيڪيدار جي وڪيل چيو ته اسان ليز ورتي آهي، اسان لائيم اسٽون( چن جو پٿر ) ڪڍي رهيا آهيون, ريتي بجري الڳ شيءِ ۽ لائيم اسٽون الڳ آهي، جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته ليز معدنيات کاتي طرفان ڏني وئي آهي, عدالت چيو ته لائيم اسٽون ته رڳو بهانو آهي، جبلن مان ريتي، بجري سڀ ڪجهه ڪڍيو ويندو، نوري آباد اڳ ڇا هو؟ هاڻي سڀ ختم ٿي چڪو آهي، معدنيات کاتي جي عملدار چيو ته ٻئي ڌريون ليز هولڊر آهن، هي ڪاروباري تڪرار آهي, عدالت چيو ته پوءِ ٻنهي جون ليزون ختم ڪري ڇڏيون، درخواستگذار چيو ته اسان وٽ ڪا ليز ناهي، اسين رهواسي آهيون, عدالت معدنيات کاتي جي آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ٻڌايو ته درخواستگذار جي ليز ڪٿي آهي؟ جنهن تي آفيسر چيو ته مهلت ڏني وڃي، ايندڙ ٻڌڻي تي ڪاغذ پيش ڪندس, عدالت چيو ته توهان عدالت کي گمراهه ڪري رهيا آهيو، قانون موجب صرف 5 سيڪڙو کوٽائي ڪري سگهجي ٿي، جبلن جي جاءِ تي هاڻي کڏا ٿي ويا ويا آهن، جسٽس ذوالفقار سانگي چيو ته مائننگ سبب زميني پاڻي (جر) هيٺ وڃي رهيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسٽي باوجود علائقي مان لڳاتار ريتي ۽ بجري ڪڍي پئي وڃي، جنهن سبب علائقي جي آبهوا متاثر ٿي رهي آهي، علائقي واسي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.