معدنيات ۽ توانائي ڀائيواري اقتصادي سفارتڪاري مضبوط ڪندي: آمريڪي قونصل جنرل

  معدنيات ۽ توانائي ڀائيواري اقتصادي سفارتڪاري مضبوط ڪندي: آمريڪي قونصل جنرل

پشاور (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي سان آمريڪي قونصل جنرل ٿامس ايڪرٽ ملاقات ڪئي، ان دوران واپار، سرمائيڪاري، معدنيات، توانائي، دهشتگردي خلاف تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ بزنس اينڊ انويسٽمينٽ روڊ شو ڪرائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته روڊ شو ۾ قيمتي ۽ ناياب معدنيات جي ليز هولڊرز کي گهرائڻ جي تجويز  به غور هيٺ آئي، آمريڪي قونصل جنرل جو چوڻ هو ته واپاري سفارتڪاري آمريڪي پرڏيهي  پاليسي جو  اهم ٿنڀ اهي، اقتصادي سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ سان مجموعي امن ۽ استحڪام کي هٿي ملندي، معدنيات ۽ توانائي جي ڀائيواري اقتصادي سفارتڪاري کي مضبوط ڪندي.