معدني ۽ فطرتي وسيلن تي ڌاڙي هڻڻ جون تياريون!

آگسٽ 26, 2023

 پنهنجي قوم سان ويساهه گهاتي ڪيئن ڪجي؟ پنهنجي عوام جي پُٺ ۾ خنجر ڪهڙي طرح هڻجي؟ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي ان جي تاريخي ۽ قومي وسيلن تي ڌاڙو ڪيئن هڻجي؟ عوام جي مفادن وٽان ڳالهه ڪري اصل ۾ پنهنجي اشرافيه طبقي جي مفادن کي ڪيئن حاصل ڪجي؟ سنڌ جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي آڙ ۾ قدرتي ۽ معدني وسيلن تي ڌاڙو ڪيئن هڻجي؟ اهڙي عوام عمل ۽ ڪم ۾ پاڪستان جو حڪمران طبقو، رياستي ادارا، اعليٰ سول ۽ نان سويلين آفيسر پوري دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد مقام ۽ سڃاڻپ رکن ٿا. عوام کي آئين ۽ قانون جو ڊپ ڏئي، پوءِ هُو ويهي جيڪي غيرآئيني ۽ غيرقانوني ڪم ڪندا آهن، تنهن سان اسان جي پوري ملڪي تاريخ ڀري پئي آهي. اهڙي ڌنڌي ۾ هڪڙي پاسي اعليٰ سول ۽ نان سويلين آفيسرن جي اڪثريت اڳيان اڳيان آهي ته وري ٻئي پاسي چونڊن ذريعي چونڊجي آيل عوامي نمائندا هجن يا نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لاءِ آيل نگران حڪومت جا وزير هجن. سنڌي عوام جي تاريخي بدقسمتي ته ڏسو ته ٽي چار ڏينهن اڳ جيڪا نگران حڪومت آئين ۽ قانون مطابق صرف ٽن مهينن جي اندر چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئي آهي، ان نگران حڪومت جو هڪ وزير صاحب جنهن جو نالو خدا بخش مري آهي، تنهن گذريل ڏينهن هڪ وڏي ۽ ڀرپور پريس ڪانفرنس ڪري اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان سخت معاشي گهوٽالي مان گذري رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ موجود معدني وسيلن جو نئين سِر سروي ڪرائي انهن کي نيلام ڪيو ويندو.

معدني وسيلن جي نگران صوبائي وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته، “صوبي ۾ لڳ ڀڳ 26 ارب ٽن جا معدني ذخيرا موجود آهن. جن جي هڪ ڀيرو ٻيهر سروي ڪرائي ويندي. مُلڪ ۾ موجود معدنيات کي ايڪسپورٽ ڪرڻ سان مُلڪي معيشت ۾ ايتري بهتري ايندي جو اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي به ضرورت نه پوندي. سنڌ ۾ريتي، بجري، چن جي پٿر (لائيم اسٽون)، ماربل (سنگ مرمر)، سليڪا واري ۽ گرينائيٽ سميت  27 قسمن جا معدني وسيلا آهن، انهن سمورن وسيلن جي سروي کانپوءِ اهو اندازو لڳائي سگھبو ته معدنيات مان ساليانو ڪيترو ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو. معدني وسيلن جي اڳ ۾ ٿيندڙ نيلامي ۾ اڻ برابري ٿيندي رهي آهي، رڳو ٺيڪيدار ارب پتي ٿيندا رهيا، مقامي ماڻهن کي ڪجهه به نه ملندو هو، هاڻ اسان جي ڪوشش هوندي ته سڀني کي پنهنجو جائز حصو ملي، مقامي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت جون بهترين سهولتون ڏنيون وينديون.”

سڀ کان پهرين ڳالهه ته ڇا هن ملڪ جو آئين ۽ قانون ڪنهن نگران وزير کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته هُو اهڙا بيان ۽ اعلان ڪري؟ ڇا نگران وزير صاحب کي خبر ناهي ته هن جي اختيارن جو دائرو ڪيترو ۽ ڪيستائين آهي؟ نگران وزير صاحب کي سڄي خبر آهي ته سندس اختيارن جو دائرو ڪيترو وسيع آهي ۽ هُو ڪيستائين وڃي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو، پر هتي جيڪي چونڊيل حڪومت يا کڻي نگران حڪومت ۾ اچن ٿا، انهن کي خبر آهي ته هُو جنهن ڪرسي تي ويٺا آهن يا انهن کي جيڪا ڪرسي ملي آهي، اها ڪرسي ڏيارڻ وارو ڪير آهي ۽ ان ڪهڙي شرط تي اها ڪرسي ڏياري آهي؟ تنهن ڪري جن هن کي اها ڪرسي ڏياري آهي، هر صورت ۾ انهن جي مفادن وٽان ڪم ڪرڻو آهي،

باقي هيڏانهن سنڌي قوم کي جيترو نقصان ٿئي، تنهن جي هن کي ڪا پرواهه ناهي. هڪڙي پاسي نگران وزير خدا بخش مري جو اهو عمل آهي ۽ ٻئي پاسي آئين جي آرٽيڪل 173 جي شق 3 جي مطابق قدرتي ۽ معدني وسيلا نج صوبائي اسم ۽ انهن جي ملڪيت آهن. وزير صاحب چئي ٿو ته جيڪي 27 قسمن جا معدني وسيلا آهن، انهن جي نيلامي سان ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي ۽ پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. وزير صاحب آءِ ايم ايف جو ائين ذڪر ڪري رهيو آهي، ڄڻ پاڪستان پنهنجي پوري تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪو آءِ ايم ايف ڏي قرض وٺڻ جي لاءِ ويو آهي. پر وزير صاحب کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان گذريل 50 سالن کان وٺي آءِ ايم ايف وٽ قرض وٺڻ لاءِ بار بار ويندو رهيو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هن وقت جيڪي معدني وسيلا موجود آهن ۽ ارڙهين ترميم کان اڳ اهي مڪمل طور وفاق جي ملڪيت هئا، تڏهن سنڌ ۽ بلوچستان مان جيڪي تيل، گئس، ڪوئلي، سون، ٽامي چاندي وغيره جا وسيلا هئا، انهن مان اربين کربين ڊالرز آيا، اهي ڪيڏانهن ويا؟ انهن مان عوام کي ڇا مليو ۽ ملڪ جي ڪهڙي ترقي ٿي؟ ملڪ ۽ عوام پنجاهه سٺ سال اڳ به اهڙي حالت ۾ هئا، جهڙي انهن جي اڄ حالت آهي ته پوءِ انهن معدني وسيلن مان ڪمايل ڪروڙين، اربين کربين ڊالرز ڪنهن جي کيسن ۾ ويا، ان مان ڪير ڪير ڪک پتي مان ارب کرب پتي ٿي ويا؟ انهن جي ڪا لسٽ پڌري ڪندا؟ انهن مان مختلف حڪومتن ۾ رهندڙ ڪيترا وزير هئا، انهن ڇا ڇا ڪمايو ۽ حاصل ڪيو؟ ڪيترا اعليٰ سول ۽ نان سويلين آفيسر هئا ۽ آهن، انهن ڪيترو ڪمايو، ڪي تفصيل ڏيڻ پسند ڪندا؟ ۽ جڏهن ته ٻئي پاسي سنڌ ۽ بلوچستان جو ڪروڙين عوام هڪڙي ويلي جي لاءِ پريشان آهي. اتي اسڪول ۽ اسپتالون ناهن. انسان پاڻ سان سوين بيماريون کنيو پيا هلن. انهن وٽ نه اجهو آهي ته نه وري روزگار. پاسي ۾ تيل، گئس، ڪوئلو، سون، ٽامو وغيره ڪڍڻ لاءِ وڏيون ملڪي ۽ عالمي ڪمپنيون ڪم پيون ڪن، جنهن ۾ ڪندڙ ڌاريا ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن ۽ انهن جو اولاد هڪ خوشحال ۽ عياشي واري زندگي گذاري رهيو آهي. اهي جهازن ۽ وڏين گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا، انهن کي وڏيون مراعتون ملن ٿيون ۽ هيڏانهن ڪروڙين ڌرتي ڌڻي نڌڻڪا ٿيو پيا هلن!

سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام وٽ ۽ سندن ڌرتي جي اندر جيڪي اربين کربين ڊالرز جا ذخيره موجود آهن، تن مان گهڻن تي اڳ ئي ڌاڙا لڳي چڪا آهن ۽ ٻيا جيڪي موجود آهن، تن تي هر ڏينهن هڪ نئين انداز ۽ هڪ نئين ڍونگ سان هڪ ڊگهي ۽ وڏي حڪمت عملي تحت ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عوام کي فريب ۽ دوکو ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجز جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. سڀ رياستي ادارا، انهن جا سربراهه، صدر، وزيراعظم، وزير صاحبان روز ميڊيا تي اچي اکين ۾ آب آڻي چون ٿا ملڪ سخت معاشي بحران مان گذري رهيو آهي ۽ دنيا اسان جي ڪا مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، انهن کان پڇون ٿا ته واقعي ملڪ معاشي بحران مان گذري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ پيسو ناهي، مهرباني ڪري ٻڌايو ته رڳو عمران خان جي گذريل تقريبن چئن سالن جي حڪومت ۽ پي ڊي ايم جي سورنهن مهينن جي حڪومت ۾ ڪيتري رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي؟ ڇا اهي سڀ پيسا عوام جي ٽيڪس جا نه هئا؟ ڇا انهن پيسن تي ڌاڙو عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي نالي ۾ نه لڳو آهي؟ چوندا آهن جڏهن واڻيو کُٽي ته بنديون ڏسي، هاڻي حڪمران طبقو ۽ رياستي ادارا دنيا ۾ عالمي سامراجي مفادن کي پورو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو سامراجي ملڪ ۽ سندن اتحادي انهن مان هٿ ڪڍي ويا آهن،

تڏهن انهن اچي پنهنجي قوم جي باقي رهيل معدني ۽ قدرتي وسيلن تي هڪ دفعو ٻيهر هٿ وجهڻ شروع ڪيو آهي ۽ تنهن لاءِ روز نيون تشريحون ڪيون پيون وڃن ۽ نوان راڳ ٻڌايا پيا وڃن ۽ عوام کي بار بار ٻڌايو پيو وڃي ته اسان صرف توهان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ فڪرمند آهيون پر اصل ۾ انهن جي پنهنجي “ٻاهرين آمدني” اچڻ بند ٿي وئي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن “گذر” مشڪل ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري ان “گذر” کي آسان بڻائڻ لاءِ هڪ نئون ۽ انتهائي پر فريب نعرو ايجاد ڪيو ويو آهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ باقي رهيل معدني ۽ قدرتي وسيلا کپائي پوءِ هميشه هميشه لاءِ هن ملڪ مان ائين هليا وينداسين، جيئن اسان کان اڳ اسان جي طبقي واري هليا ويا هئا!

Leave A Comment