| معذور آفيسر جي ڪوارٽر تي قبضو؟ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا عدالت طلب |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي 17 ھين گريڊ جي معذور آفيسر اسماعيل بجير جو الاٽ ٿيل ڪوارٽر ڪينسل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، لاڳاپيل ڌرين توڙي سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران جواب داخل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ڇنڊ پٽي وئي، عدالت سنڌ يونيورسٽي ۽ رھائشي ڪالوني ۾ الاٽمينٽ جو ميڪنزم ايفي ڊي اٽس سميت سمورو رڪارڊ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواستگذار خلاف انتقامي ڪاررواين کان روڪيندي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ، سنڌ يونيورسٽي جي موجوده ۽ اڳوڻي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل رحمان کومڀاٽي، اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو، چيئرمين سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڊاڪٽر علي نواز سيال ڊاڪٽر سائمہ قيوم، ڊاڪٽر شاھنواز شاھ، ڊاڪٽر رفيق لاشاري، ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيو، ڊاڪٽر يونس لغاري، ڊاڪٽر نظير بروهي سميت 11 لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس رياضت علي ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ۾ درخواستگذار اسماعيل بجير پنهنجي وڪيل سيد ماجد شاھ معردفت داخل ڪيل درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي جو 17 ھين گريڊ جو آفيسر آھيان اڳوڻي وقتي وي سي خليل الرحمان کومڀاٽي پاڻ ڪالوني ۾ A-02 ڪوارٽر الاٽ ڪيو جنهن بعد سنڌ يونيورسٽي ڪالوني چيئرمين گھرايو ۽ چيو ته اھو ڪوارٽر واپس ڏي ميڊم کي سڃاڻين ٿو اھو ڪوارٽر ڪينسل ڪنداسين جيڪا ڳالهه مون نه مڃي ان کانپوء ساڳيو ڪوارٽر وري وقتي وي سي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني چيئرمين علي نواز سيال جي چوڻ تي ڪينسل ڪري پروفيسر شاھنواز شاھ کي الاٽ ڪيو سنڌ يونيورسٽي جي ٽيچر يونين جي ھڪ مخصوص گروپ جي دٻاءَ ۾ 19 کان 21 گريڊ جي پروفيسرن کي ڊائريڪٽ بغير ڪنھن اشتھار يا پاليسيءَ جي خلاف الاٽمينٽ ڪيا ويا آھن جنھن جي انڪوائري ڪالوني چيئرمين ڊاڪٽر علي نواز سيال خلاف اينٽي ڪرپشن ڄامشورو ۾ ھلندڙ آھي، عدالت ڪيس بابت پنھنجي حڪم نامي ۾ چيو آھي ته ھڪ معذور انسان کي الاٽ ٿيل ڪوارٽر زبردستي ڪينسل ڪري ٻئي کي ڏيڻ قانون جي خلاف آھي.