| معذور وفاقي ملازمن لاءِ خاص ڪنوينس الائونس ۾ واڌ جي منظوري |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت معذور وفاقي ملازمن لاءِ خاص ڪنويئنس الائونس ۾ نمايان اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت ان حوالي سان باضابطه نوٽيفڪيشن ۽ آفيس ميمورنڊم جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب معذور وفاقي ملازمن جو خاص ڪنويئنس الائونس 6 هزار رپين مان وڌائي 10 هزار رپيا ماهوار ڪيو ويو آهي، جنهن سان الائونس ۾ 4 هزار رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي ريگيوليشن ونگ موجب اهو اضافي الائونس وفاقي حڪومت جي سول ۽ دفاعي شعبي جي معذور ملازمن تي لاڳو ٿيندو. وڌايل خاص ڪنويئنس الائونس 1 جولاءِ 2026 کان لاڳو سمجهيو ويندو. وزارت موجب معذور ملازمن کي هي خاص الائونس عام ڪنويئنس الائونس کان علاوه اضافي طور ادا ڪيو ويندو.