معذور ڪوٽا تي 3 مهينن اندر نوڪري ڏيڻ جو حڪم

معذور ڪوٽا تي 3 مهينن اندر نوڪري ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ معذور ڪوٽا تي درخواستگذار کي 3 مهينن اندر نوڪري ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت چيو ته 5 سيڪڙو ڪوٽا تحت درخواستگذار کي ڀرتي ڪيو وڃي، عدالت معذور ڪوٽا تي ڀرتي نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست اُڪلائي ڇڏي, درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته ڪراچي ۾ سرڪاري کاتن ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ اساميون خالي آهن، پڙهيل لکيل معذور ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن،