معرڪه حق ۾ دنيا اسان جون صلاحيتون ڏٺيون، دشمن جا 7 خطرناڪ جهاز تباهه ڪيا: شهباز شريف

  معرڪه حق ۾ دنيا اسان جون صلاحيتون ڏٺيون، دشمن جا 7 خطرناڪ جهاز تباهه ڪيا: شهباز شريف

باڪو (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ” معرڪه حق“ ۾ دنيا پاڪستان جون جنگي صلاحيتون ڏٺيون، جڏهن ته پاڪ فوج دشمن جا ڏند کٽا ڪندي 7 جهاز تباهه ڪيا. آذربائيجان جي فتح ڏهاڙي واري تقريب ۾ پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فتح جي ڏهاڙي واري تقريب ۾ شرڪت مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي، پاڪستان جي عوام جي طرفان آذربائيجان جي حڪومت ۽ عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪي هميشه دوستي ۽ يڪجهتي جو ثبوت ڏنو آهي، ٽنهي ملڪن جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪن ٿيون،  وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ” معرڪه  حق “ ۾ دنيا پاڪستان جون جنگي صلاحيتون ڏٺيون، پاڪ فوج دشمن کي عبرت جو نشان بڻائيندي 7 بهترين جنگي جهاز تباهه ڪيا، ڪاميابين جو جشن ملهائڻ سان گڏ اسان کي مستقبل تي به نظر رکڻي پوندي. شهباز شريف چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڀارتي اڳرائيءَ دوران پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آذربائيجان ۽ ترڪي جا ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته  معرڪه حق جي ڪاميابيءَ جي جشن ۾ آذربائيجان جي فوجي دستي جي شرڪت وڏي اهميت رکي ٿي.