معصوم آديش سميت بخشاپور جا 4 مغوي بازياب نه ٿيا: ايس ايس پي امجد شيخ ٺلها آسرا ڏيڻ ۾ پورو

آگسٽ 9, 2023

بخشاپور(رپورٽر) بخشاپور مان اغوا ٿيل معصوم آديش ڪمار، جئديپ ڪمار، مکي جگديش ڪمار سميت چار مغوي بازياب نه ٿي سگهيا، مغوين جي  گهرن ۾ سوڳ ڇانيل آهي جڏهن ته ايس ايس پي امجد شيخ رڳو ٺلها آسرا ڏيڻ ۾ پورو آهي

هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو چار ڏينهن اڳ مياڻي جي حد آديش ڪمار، ٻه ڏينهن اڳ گبلو ٿاڻي جي حد مان نينگر ظفر گولو، ٻه مهينا اڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد مان جئديپ ڪمار ۽ مکي جگديش ڪمار کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا هئا

 ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ جي مغوين جي وارثن کي مغوين جي بازيابي جي خاطري ڪرائڻ واري دعوي به دلاسو نڪتو  آهي

ٻئي طرف هندو برادري بڊاڻي کان ايس ايس پي آفيس ڪشمور تائين رٿيل احتجاجي ريلي به علائقي جي معززن ۽ ايس ايڇ او جي هندو برادري ڏانهن لڙي اچڻ ۽ مغوين جي بازيابي جو يقين ڏيارڻ بعد ريلي ملتوي ڪري شهر  به کولي ڇڏيو آهي

مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس اغوا ڪارن خلاف ڪابه ڪارروائي عمل ۾ آڻي نه سگهي آهي جنهن سبب مغوين جي گهرن ۾ سوڳ ڇانيل  آهي

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته  مغوي نينگر آديش ڪمار ۽ ظفر گولو جي بازيابي لاءِ  وارثن راڄوڻي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته  چار ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل ڊاڪٽر لجپتراءِ به سکر کان ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي

Leave A Comment