بخشاپور(رپورٽر)بخشاپور ويجهو اغوا ٿيل معصوم آديش ڪمار بازياب نه ٿيو، بڊاڻي ۾ شهرين ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، ريلي ڪڍي وئي
بخشاپور ويجهو گذريل ڏينهن نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ سبب زخمي ٿيل ڊاڪٽر لجپتراءِ ۽ معصوم نينگر آديش ڪمار جي اغوا واري واقعي خلاف بڊاڻي شهر ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي
شهرين پنهنجا ڪاروبار بند ڪري المرتضي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، ريلي ۾ هندو برادري سياسي سماجي تنظيمن، قومپرست جماعتن سميت شهر واسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
ريلي ۾ شريڪ هندو برادري جي ماڻهن ۽ شهرين پاران معصوم ٻارن جي اغوا جي وارداتن، ڌاڙيل راڄ ۽ پوليس جي نااهلي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي
شهرين معصوم نينگر آديش ڪمار، جئديپ ڪمار ۽ مکي جگديش ڪمار جي بازيابي جو مطالبو ڪيو