معصوم رضوانا ڪيس ۾ سوميا عاصم جي گرفتاري بعد ضمانت واري درخواست رد

آگسٽ 10, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت ملازمھ ٻارڙي تي تشدد ڪيس ۾ گرفتار سول جج جي گھرواري سوميا عاصم جي گرفتاريءَ کانپوءِ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

 جڊيشل ماجسٽريٽ شائستھ خان ڪنڊي جوابدار عورت جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جوابدار عورت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو تھ سوميا عاصم جي گھر ۾ رھائش دوران ٻارڙيءَ کي ڪي بھ زخم نھ ھئا، ٻارڙي رضوانا کي محفوظ انداز ۾ سندس وارثن حوالي ڪيو ويو ھو

 جج سوال ڪيو تھ پوءِ رضوانھ تي ڪنھن تشدد ڪيو؟ جوابدار عورت جي وڪيل چيو تھ مان ڪنھن جو نالو کڻڻ نھ ٿو چاھيان

 عدالت جوابدار عورت جي گرفتاريءَ کانپوءِ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

Leave A Comment