زهرا کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو، هڪ ٻيو ساٿي به شامل آهي: جوابدار

جُون 9, 2023

شهدادپور ( ن پ و)  شھدادپور ڀرسان گلشن مھر ڪالوني ۾ هفتو اڳ جنسي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيل نينگري زھرا ڪنڀر ڪيس ۾ گرفتار جوابدار  ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي ته واقعي ۾ هڪ ٻيو به ساٿي شامل آهي

جوابدار موجب زهرا سان دوستي هئي، هن کي ويران هنڌ تي وٺي وڃي جنسي حوس جو نشانو بڻايو، محمد بروهي ڪڌي حرڪت ڪندي ڏسي ورتو ۽ هن به نينگري سان زيادتي ڪئي جنهن بعد نينگري کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

هي به پڙهندا

هن ٻڌايو ته مان ۽ زهرا هڪٻئي کي پسند ڪندا هياسين ۽ شادي به ڪرڻ ٿي چاهي پر هي واقعو پيش اچي ويو

هوڏانهن پوليس زهرا قتل ڪيس جي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري رماند حاصل ڪيو آهي

Leave A Comment