سکر (بيورو رپورٽ) پوليس لاءِ نوگو ايريا بڻيل علائقي ۾ معصوم پٽ جي بازيابي لاءِ مجبور پورهيت پنهنجي والد سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي بدنام ڏوهاري منير مصراڻي وٽ پهچي ويو، بدنام ڏوهاري منير مصراڻي وڊيو ذريعي ڌاڙيلن کي اپيل ڪئي ته قرآن پاڪ کي اهميت ڏئي نينگر کي آزاد ڪريو
ان ڏس ۾ شهر جي سستي بستي جي رهواسي 8 ورهين جي معصوم عبدالصمد جي بازيابي لاءِ سندس والد حاجي خان عرف ارشاد شيخ پنهنجي والد کي ساڻ ڪري پاڪ ڪتاب کڻي ڪچي واري علائقي ۾ بدنام ڏوهاري منير مصراڻي سان ملاقات ڪري پٽ کي بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي
سامهون آيل وڊيو ۾ بدنام ڏوهاري منير مصراڻي چوي ٿو ته ڪرمپور مان ٻالڪ جي وارثن کي ڪال آئي آهي،ٻالڪ عبدالصمد جو والد ۽ ڏاڏو محمد يوسف پاڪ ڪتاب کڻي پهتا آهن ته پٽ کي ڳولهي ڏيو، مالڪي ڪريو، مسلمان آهيو، قرآن کي مڃيندا آهيون، اڳ ئي ڏسو ٿا اسان جي اعمالن ڪري عذاب نازل ڪيا آهن
ٻالڪ جو والد حاجي شيخ ريڙهي تي سبزي وڪرو ڪري خاندان جو پيٽ پاليندو آهي، جنهن کان 25 لک گهريا ويا آهن
منير مصراڻي جو چوڻ هو ته هي قرآن کڻي اڄ مون وٽ پهتا آهن، سڀاڻي ڪرمپور، ڳڙهي تيغو طرف به ايندا، مسلمان آهيو مون کي ڄاڻون سڃاڻو ٿا، بدنام ڏوهاري منير مصراڻي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي وڊيو ۾ ٻين ڏوهارين کي خاطري ڪرائيندي چوي ٿو ته منهنجي ان ۾ ڪا به لالچ ناهي، مون کي ٻڌائيندا ته به مالڪن ڏي پهچائيندس، يا اوهان ٻالڪ کي ڪرايو ڀاڙو ڏيو ته هو پنهنجي گهر پهچي
مغوي معصوم ٻالڪ جي والد حاجي شيخ ٻڌايو ته غريب آهيون، منير مصراڻي خاطري ڪرائي آهي، بعد ۾ اسان ڳڙهي تيغو توڙي ڪرمپور به وينداسين. پٽ بازياب ڪرايو وڃي