معصوم فاطمه تي تشدد ۽ بي حرمتي جي تصديق: قبرڪشائي لاءِ تياريون مڪمل

آگسٽ 19, 2023

راڻيپور/نوشهروفيروز (نمائندن وٽان)راڻيپور جي حويلي ۾ مبينا طور تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قبر ڪشائي جي اجازت ڏئي ڇڏي

سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي طرفان راڻيپور واقعي جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ نينگري تي تشدد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي

 رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 10ورهين جي نينگري فاطمه تي گهريلو تشدد، بي حرمتي ۽ جسماني تشدد ڪيو  ويو، مک جوابدار اسد شاهه، ايس ايچ او ۽ ڊي ايڇ او طرفان حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

سيڪريٽري سوشل ويلفيئر شيرين ناريجو ۽ ڊي جي سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي  نثار  شاهه واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو هو

سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي  جي ڊي جي نثار  شاهه چيو آهي ته متاثر خاندان جي هر لحاظ کان قانوني ۽ اخلاقي مدد ڪئي ويندي، ملوث جوابدارن کي انجام تي پهچايو ويندو

ٻي طرف ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج نوشهروفيروز راڻيپور ۾ قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي. جنھن تحت اڄ قبرڪشائي ڪئي ويندي، جڏھن ته پوسٽ مارٽم لاءِ پڻ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آھي، سيشن جج نوشهروفيروز محبوب عالي جواھري ايس ايڇ او راڻيپور جي درخواست تي ليٽر جاري ڪيو

 ليٽر ۾ قبر ڪشائي لاءِ سول جج/جڊيشنل مئجسٽريٽ ھڪ ڪنڊيارو کي نگران مقرر ڪيو ويو آھي، ان لاءِ سيشن جج نوشهروفيروز جڊيشنل مئجسٽريٽ ھڪ ڪنڊيارو کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي

ٻئي پاسي قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جڙي ويو آھي. ڊي جي صحت ارشاد ميمڻ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو ليٽر جاري ڪيو آھي

فاطمه کي فنائل پياريو ويو، پيرن کيس وڏيون اذيتون ڏنيون: تانيا ڦرڙو

فاطما ڦرڙو واقعي بعد ٽئين ناري تانيا ڦرڙو جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ويڊيو ۾ تانيا ڦرڙو ٻڌائي رهي آهي ته نينگري فاطما تي سخت تشدد ڪري کيس   مڪون ۽ وار پٽي ظلم ڪيو ويندو هو، تشدد بعد نينگري بيمار ٿي پئي جنهن جو علاج ڪرايو ويو پر طبيعت بهتر نه ٿي، فاطما پاڻي ڍڪ لاءِ  تڙپندي ۽ روئيندي هئي پر ڪو به پاڻي کيس نه ڏيندو هو

ناري موجب ته  منھنجي سامھون فاطمه کي اذيتون ڏيندا ھئا، گھڻي طبعيت خراب ٿيڻ ڪري ڊاڪٽر کي گھر وٺي آيا، جنھن پٺي تي لڳل ڌڪن جي نشانن جو پڇيو ته ھي ڇاجا آھن؟ جنھن تي فاطمه ڪجھه ٻڌائڻ کان سواءِ چپ ٿي وئي

سندس چوڻ هو ته فاطمه کي  فنائيل به  پياري وئي ھئي،  واش روم ۾ ڪئميرا نه  ھجڻ ڪري اتي کيس تشدد ڪيو ويندو ھيو

Leave A Comment