فاطمه قتل ڪيس: مک جوابدار اسد شاهه جو سهرو فياض شاهه بلوچستان ڏانهن فرار

آگسٽ 23, 2023

راڻيپور(رپورٽ: رضا راڄپر) راڻيپور جي حويلي ۾ ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ ڊي اين اي چڪاسون شروع ٿيڻ بعد جوابدار اسد شاهه جو سهرو فياض شاهه سنڌ مان نڪري ويو

 ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي راڻيپور جو وائيس چيئرمين فياض شاهه فرار ٿي ويو آهي، سندس موبائيل فون جي لوڪيشن بلوچستان مان ملي رهي آهي

ٻئي طرف فاطمه مک جوابدار اسد شاھه جي سهري وائيس چيئرمين پير فياض شاھ سندس پٽ شاھ مردان شاھ ۽ سندس ڊرائيور اعجاز قاضي جا ڊي اين اي سيمپل رورل هيلٿ سينٽر راڻيپور ۾ ورتا ويا، جيڪي   پوليس کي ڏنا ويا جڏهن ته حنا شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي

 پوليس موجب ته  پير فياض شاھ ،سندس پٽ شاھ مردان شاھ ۽ هڪ نوڪر اعجاز قاضي جا ڊي اين اي ورتا ويا آھن، جيڪي ڪراچي ليبارٽري ڏانهن  موڪليا ويا آھن، هفتي ۾ رپوٽ اچي ويندي

ٻئي طرف ٻارڙي تي تشدد جي الزام هيٺ آيل اسد شاهه جي گهرواري کي پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن

هوڏانهن پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه جي ميڊيڪل سپريڊنٽ مقتول نينگري فاطما ڦرڙو جي ڊي اين اي لاءِ  ورتل جزا آءِ سي سي بي ايس ليب يونيورسٽي آف ڪراچي ڏانهن اماڻي ڇڏيا، ميڊيڪل سپريڊنٽ پاران ايس ايس پي کي خط لکي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي

 خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بورڊ جي سمورن ميمبرن جي راضپي بعد نينگري فاطما ڦرڙو جا جزا ڊي اين اي لاءِ  آءِ سي سي بي ايس ICCBS ڪراچي جي ليب ڏانهن اماڻيا ويا آهن

ان حوالي سان ايس ايس پي خيرپور موجب ته  آءِ سي سي بي ايس يونيورسٽي ڪراچي ليب جديد آهي، ان  لاءِ فاطما جا جزا ڪراچي موڪليا ويا آهن

 هن چيو ته  اسد شاهه سميت ٻين جا ڊي اين اي لاءِ جزا ورتل آهن جيڪي ڄامشورو موڪليل آهن. هڪ هفتي اندر سمورو جوابدارن جون رپورٽون اچي وينديون

Leave A Comment