معصوم فدا نوناري کي زمين ڳهي وئي يا آسمان ؟ سڪرنڊ پوليس ناڪام: امڙ جو ڌرڻو 

معصوم فدا نوناري کي زمين ڳهي وئي يا آسمان ؟ سڪرنڊ پوليس ناڪام: امڙ جو ڌرڻو 

سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ پوليس  3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پهرين ڪلاس جي شاگرد 8 سالن جي  فدا حسين نوناري کي بازياب ڪرائي نه سگهي: اي ايس پي پاران ورتل  مهلت به ختم ٿي وئي،  ڪالهه  معصوم فدا جي جيجل امڙ صدف نوناري ڳوٺاڻين عورتن سان گڏ سڪرنڊ ٿاڻي اڳيان روئي روئي بي حال ٿي وئي. ان موقعي تي صدف نوناري چيو ته مون کي هڪ پٽ جو اولاد آهي، جنهن  کي ڏسڻ لاءِ 3 ڏينهن کان  تڙپي رهي آهيان. هن صدر آصف زرداري ۽  فريال ٽالپر کي واسطا ڏيندي چيو ته مون کي منهنجو ٻچو هٿ ڪري ڏيو. ٻئي طرف اي ايس پي در تابش موجب پوليس سڪرنڊ شهر جي مختلف علائقن جو سرچ آپريشن ڪري سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ چڪاسي ڪري رهي آهي، فوٽيجز ۾ هڪ شخص نينگر فدا حسين نوناري کي هٿ مان وٺي وڃي رهيو آهي، ٻالڪ جي اسڪول بيگ جوابدار جي ڪلهي تي رکيل آهي،هن چيو ته اسان ٻار تائين پهچنداسين. هوڏانهن ايس ايس پي شبير سيٺار فدا نوناري جي وارثن کي خاطري ڪرائي آهي ته ٻالڪ کي جلد بازياب ڪرائينداسين، ٻئي طرف گذريل رات دير سان معصوم فدا حسين نوناري جي اغوا جو ڪيس سندس ماءُ صدف نوناري نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪرايو  هو