اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس معصوم ملازمه تي تشدد واري ڪيس ۾ سول جج جي زال کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو
اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج فرخ فريد بلوچ سول جج جي گهرواري سوميه عاصم جي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي هلائي، جوابدار عورت سوميه ۽ متاثر نينگري رضوانا جا والدين عدالت ۾ پيش ٿيا
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج فرخ فريد سوميه عاصم جي ضمانت خارج ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو
سوميه جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سوميه جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجي بي گناهي جو اظهار ڪيو آهي، جي آءِ ٽي اڄ ٻارڙي جي ماءُ کي بيان لاءِ گهرايو آهي، جي آءِ ٽي جي جاچ مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪيو وڃي
جج رمارڪس ۾ چيو ته جوابدار عورت کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر وٺي وڃو، منهنجي لاءِ به مشڪل آهي، هيءَ منهنجي ڪوليگ جي گهرواري آهي، پر انصاف جي ڳالهه ٿيندي ته پوءِ مون کي انصاف ڪرڻو آهي
سول جج جي زال سوميا عاصم کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، متاثر ٻارڙي رضوانه جي امڙ چيو آهي ته اڄ عدالتي فيصلي مان لڳو ته عدالتن ۾ انصاف به ملندو آهي، غريب ضرور آهيان پر پنهنجي ڌيءَ جو سودو نه ڪنديس، مون کي پئسا نه پر انصاف کپي