معصوم نينگر جو قاتل سندس پيءُ نڪتو
نومبر 1, 2023
ملير : پورٽ قاسم ڀرسان 14 ڏينهن اڳ تشدد ٿيل حالت ۾ هٿ آيل معصوم ٻارڙيَ واري واقعي ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن
ملت گارڊن جي رهواسي ٻارڙي امان جو قاتل سندس پيءُ نڪتو
پوليس جوابدار عامر احمد کي گرفتار ڪري ورتو
14 ڏينهن اڳ سکن ٿاڻي جي حد پورٽ قاسم ڪالوني ويجهو روڊ جي ڀرسان نالي مان معصوم نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو
لاش لاوارث حالت ۾ سرد خاني ۾ پيل هو
پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي