| معصوم ٻار ماءُ جو سونو هار ٽڪرا ڪري دوستن ۾ ورهائي ڇڏيو |
بيجنگ(انٽريسٽنگ نيوز) معصوم ٻار ماءُ جو سونو هار ٽڪرا ڪري دوستن ۾ ورهائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي صوبي شان ڊونگ جي علائقي زهو هانگ ۾ انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ واقعي پيش اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. چيو پيو وڃي ته 8 ورهين جي معصوم نينگر پنهنجي والدا جو سونو هار ٽڪرا ٽڪرا ڪري اسڪول جي دوستن ۾ ورهائي ڇڏيو. ان هار جي قيمت 7 هزرا 200 يو آن يعني 2 لک 85 هزار رپيا ٻڌائي وئي آهي. متاثر عورت سن يو زوانگ سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ٻڌايو ته منهنجي لاءِ اها انتهائي حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته منهنجو قيمتي هار جيڪو مونکي مڙس شادي جي تحفي طور ڏنو هو خود تحفو بڻجي ويو. هن چيو ته هار گم ٿيڻ جو انڪشاف هڪ مهيني بعد ان وقت ٿيو جڏهن منهنجي ڌيءُ کي اسڪول جي ٻارن ٻڌايو ته تنهنجي ڀاءُ اسانکي سون جا ٽڪرا تحفي طور ڏنا آهن جنهن بعد اسان ڳولا ڪئي ته پر رڳو هڪ ٽڪر ملي سگهيو