معصوم پريا جي بهاول پور ۾ هجڻ جو انڪشاف: ڌاڙيلن تي انعام وڌائڻ جو اعلان: 42 هزار نفري ڀرتي ڪبي: سنڌ سرڪار

جُون 27, 2024

ڪراچي( رپورٽ : شاهد ميراڻي) سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران سکر  جي شهر سنگرار مان 3 سال اڳ پرسرار طور تي گُم ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جي حيات هجڻ ۽ پنجاب جي شهر بهاول پور واري علائقي ۾ خانه بدوشن وٽ هجڻ جو انڪشاف، ڌاڙيلن جي گرفتاري تي انعام جي رقم وڌائڻ جو اعلان، سنڌ ۾ 42 هزار پوليس اهلڪارن جي کوٽ بابت اسيمبلي کي آگاهي، ڪالهه بجيٽ تقرير ڪندي هن چيو ته پريا ڪماري جي معاملي تي ڪاميٽي جوڙي وئي هئي، جيڪا پنهنجي جاچ ذريعي انهي نتيجي تائين پهتي آهي ته معصوم پريا ڪماري زنده آهي،  هن وقت اها پنجاب جي بهاول پور واري علائقي ۾ هڪ خانه بدوش خاندان وٽ آهي، هن چيو ته  گهوٽڪي جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار ٿي ويا آهن، هن وقت  ڪيس چالان طرف وڃي رهيو آهي، هن چيو ته صحافي جان محمد مهر وارو ڪيس به انتهائي اهم آهي، اميد ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ خوشخبري ڏينداسين. هن چيو ته ڪچي ۾ آپريشن دوران 74 ڌاڙيل ماريا آهن چئن ضلعن ۾ 26 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، ڪراچي ۾  اسٽريٽ ڪرائيم جا 65 ڪيس داخل ٿيا آهن، شهر۾ 68 ماڻهو قتل ٿيا، 53 جوابدار ماريا ويا، 100 وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ جنوري کان اڄ تائين 650 مقابلا ٿيا، جن ۾ 99 ڏوهاري ماريا ويا، 2680 ڦورو گرفتار ڪيا ويا آهن، جوابدارن وٽان ڪلاشنڪوف، رائفلون ۽ پسٽل هٿ آيا آهن. ضياءَ الحسن لنجار تنقيد ڪندي چيو ته اسيمبلي فلور تي هڪ ايم پي اي تقرير ڪندي چيو ته ڪراچي جا موچڪو ۽ سچل ٿاڻا وڪرو ٿيل آهن، گهٽ ۾ گھٽ اسان ايم پي ايز کي ذميواري سان بيان ڏيڻ گهرجي. ايم پي اي جنهن وي لاگر جي ويڊيو بيان آڌار اهڙو بيان ڏنو آهي، اهو وي لاگر پاڻ فورٿ شيڊول ۾ آهي، مٿس اي ٽي سي جا ڪيس داخل ٿيل آهن. هن چيو ته ڪجهه ڪرمنل وي لاگر مون تي دٻا وجهڻ لاءِ وي لاگ ٺاهيندا رهن ٿا، آئون سمجهندو آهيان ته فقيرن پُٺيان ڪُتا  ڀونڪندا رهندا آهن. آئون اسيمبلي ۾ الزام لڳائيندڙ ايم پي اي کي پڪ ڏياريان ٿو ته سنڌ جو ڪو به ٿاڻو وڪرو ٿيل ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هڪ لک 19 هزار 373 پوليس آفيسر ۽  اهلڪار آهن، سنڌ پوليس ۾ 42 هزار پوليس اهلڪارن جي کوٽ آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته پوليس ۾ ٿرڊ پارٽي ذريعي ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن، هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ اسٽينڊرڊ موجب  450  ماڻهن تي هڪ اهلڪار مقرر ٿيل هجي ٿو پر اسان وٽ 594 ماڻهن لاءِ هڪ اهلڪار مقرر ٿيل  آهي. پوليس ۾ ڀرتين جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ افغانين، برمين کان ويندي تمام گهڻا پرڏيهي رهن ٿا، انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو آهي. پوليو ڊيوٽي، روينيو ڊيوٽي، اسڪائٽ ۽ ججن جي ڊيوٽي  تي به پوليس اهلڪار مقرر هجن ٿا. جيڪڏهن انهن ڊيوٽين جو حساب لڳائجي ته 700 ماڻهن تي هڪ اهلڪار ٿي وڃي ٿو، ضياالحسن لنجار وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن امان لاءِ رينجرز جو به اهم ڪردار آهي، انهن جي بجيٽ 6 ارب رپيا آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ 300 سئو کان وڌيڪ ڪاٻاڙين کي گرفتار ڪري انهن وٽان  چورايل گاڏين جا پارٽس هٿ ڪيا ويا آهن، انهي ڪارروائي گاڏيون چوري ٿيڻ وارن واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي. اسان وٽ سنڌ جي اڪثر ھنڌ تي پوليس ٽرينگ سينٽر موجود آھن جتي پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کي ٽرينگ ملندي آھي. اسان سي پيڪ لاءِ نئون ڊي آءِ جي مقرر ڪيو آھي، جيڪو سنڌ ۾ سي پيڪ منصوبن تي اھلڪارن جي مقرري ڪندو. هن چيو ته اسان ڪجهه ڏينھن ۾ ڊرائيونگ لائسنس جو آن لائين سسٽم شروع ڪريون پيا، هن چيو ته ڪراچي پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي جاپانين تي حملو ڪندڙن  کي گرفتار ڪري ورتو، آئون پاڻ رات جو ٿاڻن جو  بار بار دورو ڪندو آهيان، آئون چاهيان ٿو ته سنڌ جي عوام کي احساس ٿئي ته اهي محفوظ آهن، جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو پيو وڃي، جنهن سان ڏوهن جي شرح گھٽجي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جي 200 ٿاڻن کي ماڊل ٿاڻا قرار ڏنو ويندو، هاڻ ڪنهن ڏوهه جي صورت ۾ ايس ايچ او معطل ٿيندو، هن چيو ته وزيراعليٰ کي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ قتل ٿيل شهري جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي، هن چيو ته سڪرنڊ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج تعير ڪيو ويندو، هن چيو ته 4000 عادي ڏوهارين کي ڪڙو لڳايو ويندو، هن چيو ته ڪيسن جي پوئواري لاءِ 400 پراسيڪيوٽر  ڀرتي ڪبا، هن چيو ته گذريل سال ڏوهارين کي سزائن اچڻ جي شرح21 سيڪڙو هئي، هاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نئون چيف جسٽس آيو آهي، جنهن مان وڏيون اميدون آهن، جنهن ڏوهاري مٿان انعام رکيل آهي، ڪورٽ کي اهڙي  ڏوهاري کي آزاد ڪرڻ نه گهرجي، هن چيو ته سنڌ ۾ بيروزگاري آهي، چيف جسٽس عدلتي اسٽي جو نوٽيس وٺي، اسان اميدوارن جي ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون

پريا کي اغوا ڪندڙ عورت گرفتار: جوابدارن جي به نشاندهي ڪئي

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي حوالي سان انتهائي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، پنهنجي اخبار پاران اعتبار جوڳن ذريعن وٽان هٿ ڪيل معلومات موجب پريا کي اغوا ڪري پنجاب ڏانهن موڪليندڙ عورت کي ڪجهه هفتا اڳ جي آءِ ٽي حراست ۾ وٺي سکر پوليس حوالي ڪيو هو، ذريعن موجب عورت جو تعلق روهڙي تعلقي جي ڪچي سان آهي ۽ سندس نالو (ر) شيخ آهي، عورت کي چار ٻار پڻ آهن، ابتدائي رپورٽ موجب عورت پاران ڏهين محرم 19 آگسٽ تي ٻارڙي کي اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان ڳالهه جي جاچ به ڪئي پئي وڃي ته اغواڪار عورت جا سهولتڪار ڪير هئا، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جي آءِ ٽي کي ان عورت پاران ٻڌايو ويو ته هن پنجاب جي هڪ لاڏائو گروهه کي پريا حوالي ڪئي آهي، جنهن بعد جي آءِ ٽي جي سربراهه جاويد جسڪاڻي قصور ۽ لاهور پوليس سان رابطو ڪيو، ذريعن موجب اهو انڪشاف به سامهون آيو آهي ته پنجاب ۾ ڪجهه اهڙا لاڏائو گروهه آهن، جيڪي ٻارڙين کي شادين خاطر اغوا ڪندا آهن يا خريد ڪندا آهن، انهن جا واسطا ملڪ جي اهڙن مختلف اغواڪارن سان آهن، جيڪي ٻارڙين کي اغوا ڪندا يا ڪنديون آهن، اهو به معلوم ٿيو آهي ته خانداني تڪرارن سبب يا ڪجهه ٻين معاملن سبب به اهڙا اغوا جا واقعا ڪيا وڃن ٿا، پوليس پريا ڪماري جي حوالي سان رڳو ايترو پراميد آهي ته اها زندهه آهي ۽ کين ان گروهه بابت به معلوم ٿي چڪو آهي پر گذريل مهيني اهو گروهه ڪهڙي علائقي ۾ ويل آهي اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو، جي آءِ ٽي کي اهي شاهديون به مليون آهن ته پريا ان گروهه وٽ آهي ۽ وقت سان گڏ وڏي به ٿي وئي آهي، پر اهو گروهه ٽريس ناهي ٿي سگهيو، گروهه ڪڏهن بهاولپور ته ڪڏهن بهاولنگر ته ڪڏهن لاهور ڊويزنن جي درياهي، ميداني ۽ ريگستاني علائقن ڏانهن نڪري وڃي ٿو، ڪجهه وقت اڳ جي آءِ ٽي جي سربراهه پنهنجي اخبار سان اهڙي تصديق پڻ ڪئي هئي ته پريا زندهه آهي.

هندو پنچائت وفد جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سان ملاقات

سکر: نئين مقرر ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ سان هندو پنچائت جي اڳواڻ چندر ڀان ۽ ٻين ملاقات ڪري پريا جي بازيابي جو مطالبو ورجايو، جن ڪيس ۾ اڳڀرائيءَ جو ٻڌائيندي چيو ته پريا ڪماري جي زندا هجڻ جي تصديق ٿي آهي، جنهن جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ڪم ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پريا ڪماريءَ جي زندا هجڻ جي تصديق ڪندي چيو هو ته پريا ڪماري زندا آهي ۽ هو هن وقت پنجاب جي چولستان واري علائقي ۾ آهي، جنهن جي جلد بازيابي عمل ۾ اچي ويندي.

پريا جي امڙ بيحال: رڳو دلاسا ڏنا پيا وڃن: روينا ڪماري

سکر: نياڻي جي اغوا بعد ھڪ سال تائين پنھنجي مڙس سان سنگرار ويجھو پير اخلاص شاھ درگاھ تي رھندڙ پريا ڪماري جي امڙ واقعي کان ھن وقت تائين روئيندي رھي ٿي ۽ نياڻيءَ جي جدائيءَ جي صدمي ۾ ڪنھن سان به نٿي ڳالھائي، معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ روينا ڪماري جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي ھن وقت تائين بازياب ڇو ناهي ڪرايو ويو، خبر ناھي منھنجي جڳر جو ٽڪرو ڪھڙي حالت ۾ آھي، ڪنھن وٽ آھي، صرف دلاسا ۽ آسرا ڏنا پيا وڃن، پريا ڪماري جي والد راجو مل چيو ته منهنجي نياڻي امام حسين جي شهادت جي ياد ۾ 10 محرم جي سبيل ھلائيندي اغوا ٿي آھي، ڪو دروازو ناهي بچيو جيڪو مون ناهي کڙڪايو، سکر جي سياستدانن جي هائوسن ڏانهن ڪافي ڀيرا ويو آهيان، هر ايندڙ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پيز سان ملاقات ڪئي آهي، سواءِ خاطرين، دعوائن جي نياڻي جي بازيابي عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

Leave A Comment