معصوم ڀائٽيءَ سان ڏاڍائي ڪيس ۾ ٻن چاچن کي عمر قيد جي سزا

جُولاءِ 15, 2023

 مٽياري(رپورٽر) مٽياري جي عدالت 12 سالن جي معصوم ڀائيٽيءَ سان ڏاڍائي واري ڪيس ۾ نامزد ٻن چاچن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي ماڊل ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي نينگريءَ جي ٻن چاچن بهادر ملڪ ۽ عبدالرشيد ملڪ کي هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي

مٽياري ۾ 2 سال اڳ نينگريءَ جي مامي غلام رسول نينگريءَ جي پيءُ ۽ ٻن چاچن خلاف ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪرايو هو، ڏاڍائي جي الزام هيٺ آيل نينگريءَ جو پيءُ غلام قادر ملڪ فوت ٿي چڪو آهي

سزا ٻڌايل ٻنهي چاچن جو چوڻ آهي ته نينگريءَ جي مامَي ڪوڙي ڪيس ۾ اسان ٽنهي ڀائرن کي ڦاسايو هو، عدالتي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين

لاڳاپيل پوسٽون

  • سجاول جوڻيجو ڀرسان 2 ناريون مبينا اغوا

  • مهانگائي چارسيڪڙو کان به گهٽ آهي: خواجه آصف

  • ڪوٽ غلام محمد: ناري ۽ نوجوان پاران مبينا آپگهات

  • راڻيپور لڳ جهيڙو ، 2 ڄڻا قتل