معظم عباسي تي ڪيس: ٽياڪڙي ڪم نه آئي، سيال پاران معافي جو مطالبو

جنوري 7, 2025

لاڙڪاڻو (رپورٽ:نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي تي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاهه جي انچارج طرفان جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي سندس پٽ وليد خان عباسي سميت ٻين مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري معاملي کان جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو ۽ پ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو طرفان اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال سان سندس رهائشگاهه تي ٿيل ملاقات کان پوءِ سهيل انور سيال کانئن مهلت ورتي جنهن کان پوءِ ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. هوڏانهن جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي ڪالهه جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي سان گڏجي عدالت پهتو جتي هن پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ جاويد بليدي معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو سمڪان حسين مغل جي عدالت ۾ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي جنهن تي عدالت معظم علي عباسي جي 50 هزار عيوض 13 جنوري تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ عدالت پڪي ضمانت لاءِ معظم علي عباسي ۽ ٻين ڌرين کي 13 جنوري تي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪيا ويا. ضمانت منظور ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اڳواڻ معظم علي عباسي چيو ته مان سمجهان ٿو ته ايف آءِ آر انتقام جو نشانو بڻائڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي، 5 ڏينهن اڳ ڪوڙي ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار عبدالاحد مگسي جي پيءُ مٿان دٻاءُ وڌو ويو حالانڪه عبدالاحد پاڻ رضاڪاراڻه طور پيش ٿيو پر هن مهل تائين لاڙڪاڻو پوليس ايڏي ڪمداري پئي ڪري جو 5 ڏينهن کان عبدالاحد مگسي گم آهي، پوليس جو اهڙو رويو شايد ڌاڙيلن سان به ناهي جيڪو رويو سنڌ جي پوليس هڪ نوجوان سان اختيار ڪيو آهي. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي ته سنڌ گذريل 17 سالن کان لاقانونيت ۽ پوليس گردي جو شڪار آهي جتي سياسي مخالفن لاءِ زمين تنگ ڪري ڪوڙيون ايف آءِ آرون ڪٽيون وڃن ٿيون،ٻئي پاسي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال واقعي بابت پنهنجو ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مان سڄي واقعي بابت لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري چڪو آهيان، پريس ڪانفرنس کان پوءِ جيڪي معاملا ٿيا جنهن ۾ ڪالهه راشد محمود سومرو گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته مون کيس ورندي ناهي ڏني، راشد محمود سومرو ٽيون ڏينهن مون سان گڏ اچي ويٺو جيڪو ئي بند ڪمري ۾ ٿيل ڳالهيون ٻاهر اچي ٻڌائي سگهي ٿو، مون چيو ته معظم علي عباسي سان منهنجا سياسي اختلاف ۽ خدشا ته آهن ۽ هن تسليم ڪيو ته بلڪل آهن ۽ مون چيو ته گاڏي ان جي استعمال ٿي آهي ۽ ان جي پٽ جا دوست آهن جنهن اها به ڳالهه تسليم ڪئي مون چيو ته گاڏي ان جي استعمال ٿي آهي ۽ پٽ به ان جو آهي ان دوران سردار خان چانڊيو به آيو جن چيو ته اسان کي مان ڏيو مان کين چيو ته مان توهان کي مان ڏنو آهي ۽ مان ڪوئي به غلط عمل ناهي ڪيو، مان قانون هٿ ۾ نه ٿو کڻان، مان قانوني گهرجون پوريون ٿو ڪيان ۽ قانون جو رستو اختيار ڪري قانون جو در کڙڪائيندي ان تي پيو هلان. ايف آءِ آر ته ان جو قانوني حق آهي جيڪا مون ڪٽرائي آهي جيڪا سياسي انتقام ناهي، مان صرف قانوني رستو اختيار ڪيو آهي. هن چيو ته مان گهر ڪئي ته جوابدار ڏيو يا دروازي تي اچي معافي گهرو، بعد ۾ هڪ ٻئي ماڻهو ان معاملي تي مون سان رابطو ڪندي چيو ته توهان مون کي ڏيو ته راشد محمود سومرو توهان کي فون ڪندو پر بعد ۾ راشد محمود سومري جي فون نه آئي ۽ هن چيو ته راشد محمود سومرو چيو آهي ته هو گهوٽڪي آهي ۽ سڀاڻي ان معاملي کي حل ٿا ڪيون، اڄ راشد محمود سومرو چيو ته سيال مون سان رابطو ناهي ڪيو جنهن تي هن ماڻهو چيو ته مان کليل نموني اها ڳالهه چوندس ته راشد محمود سومرو مون سان رابطو ڪيو آهي پر هاڻي راشد محمود سومرو عجيب ڳالهه پيو ڪري.

Leave A Comment