معلومات تائين پهچ جو حق بدعنواني خلاف قلعو آهي، قانون لازمي لاڳو ڪيو وڃي: جسٽس اطهر
آڪٽوبر 31, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ معلومات تائين پهچ واري ڪيس ۾ جسٽس اطهر من الله اردو ۾ اضافي نوٽ لکيو آهي
اضافي نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله لکيو آهي ته اهو سچ آهي ته آرٽيڪل 19 اي تحت بنيادي حق جو استعمال مناسب پابندين سان مشروط آهي، مناسب پابندين جي اصطلاح پارليامينٽ کي آئيني حق جو دائرو محدود ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي
جسٽس اطهر من الله وڌيڪ لکيو آهي ته آرٽيڪل 8 رياست کي اهڙي قانونسازي ڪرڻ کان روڪي ٿو جيڪا بنيادي حقن کي ختم يا محدود ڪري. سپريم ڪورٽ بنيادي حقن جي حوالي سان ٻين ادارن جي ڪمن جو عدالتي جائزو وٺندي آهي
سپريم ڪورٽ شهرين جا بنيادي حق کسڻ جو سوچي به نٿي سگهي، ماڻهن جو اعتماد ختم ٿي ويندو جيڪڏهن هو سمجهن ته بنيادي حقن جا محافظ پنهنجن حقن کي محدود ڪرڻ ۾ ملوث آهن. جيڪڏهن عوام جو اعتماد ختم ٿيندو ته عدليه جي آزادي به ڪمزور ٿي ويندي. سپريم ڪورٽ وٽ تلوار يا خزاني جو ڪو به ڪنٽرول ناهي
سپريم ڪورٽ جي طاقت صرف عوام جو اعتماد آهي. جسٽس اطهر من الله پنهجي نوٽ ۾ لکيو آهي ته معلومات تائين پهچ جو حق بدعنواني خلاف هڪ قلعو آهي
قانون لازمي لاڳو ڪيو وڃي، جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته ججز ۽ ملازمن جون مراعتون سپريم ڪورٽ جي بجيٽ عوامي اهميت جي حيثيت ۽ شهرين جي دلچسپي جو موضوع آهي. شهرين کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرڻ جي ضرورت ئي نه هجڻ گهرجي. مان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي سان متفق آهيان. معلومات تائين پهچ ايڪٽ تي سختي سان عمل ڪيو وڃي