معيشت بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪبو: نواز شريف
جنوري 17, 2024
لاهور (م ڊ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪنداسين. نواز شريف سان پارٽي جي معاشي ٽيم مشاورت ڪئي، جنهن ۾ پارٽي قائد کي پارٽي منشور ۾ معيشت بابت ڪيل واعدن تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب معاشي ٽيم سان مشاورت ۾ نواز شريف آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ۾ خاص دلچپسي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ان دوران معاشي ٽيم ٻڌايو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽرز سان نوجوانن لاءِ فوري طور تي لکين نوڪريون پيدا ڪري سگهجن ٿيون. نواز شريف معاشي ٽيم کي مختلف هدف ڏئي مڪمل منصوبابندي جون هدايتون جاري ڪيون. ذريعن موجب نواز شريف چيو ته پاڪستان جي معيشت جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو ويندو.