مغوي آزاد ڪرائيندڙ ايس پي تنوير تنيو جي پنهنجي ضلعي مان نوجوان اغوا

جُولاءِ 11, 2023

شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ضلعي اندر اغوائن جو سلسلو بند ٿي نه سگھيو، وڌيڪ هڪ نوجوان اغوا، ڌاڙيلن پاران وارثن کان  20 لک ڀنگ گهريو ويو آهي

شڪارپور جي درگاھه ماڙي حاجن شاهه جو رهواسي نوجوان پورهيت علي گل پٽ ڌڻي بخش کهڙو اغوا ٿي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن پاران 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

مغوي جي والد ڌڻي بخش کهڙو چيو آهي ته منهنجو پٽ ڪراچي جي فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندو آهي ۽ هو عيد تي ڳوٺ آيو هو، 4 ڏينهن کان گهر ناهي آيو

ڌڻي بخش کهڙو چيو ته گذريل شام جو ڌاڙيلن پٽ جي ئي نمبر تان ڪال ڪري 20 لک رپيا ڀنگ ڏيڻ لاءِ چيو آهي ۽ ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ منھنجي پٽ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي

هن چيو ته اسان مسڪين ماڻهو آهيون هڪ ويلو ماني کائيندا آهيون هڪ ويلو بک تي هوندا آهيون، 20 لک رپيا ڀنگ ڏيڻ جي سگهه  ناهي

هن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي پٽ کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي

Leave A Comment