ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو) ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل نند لال ۽ سندس والد اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن جڏهن ته صدمي ۾ نند لال جي ماسي فوت ٿي وئي آهي
ڊگري ڪاليج محله ۾ شريمتي امڪي ٻائي زال شو ناٿ ميگهواڙ نند لال جي اغوا ٿيڻ واري واقعي بعد صدمي سبب فوت ٿي وئي
ٻن ڀاتين جي اغوا جو درد سهندڙ متاثر خاندان کي هڪ ٻئي ڀاتي جي اوچتي وڇوڙي نهوڙي ڇڏيو آهي متاثر خاندان جي گهر اندر ڪهرام برپا ٿي ويو آهي